مهانگائي ۽ بيروزگاري حڪومتي ايجنڊا تي ڇو ناهي

0
337
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪري جيڪي مصيبتون آيون انهن بيروزگاري ۽ مهانگائي به شامل آهن،ڪورونا جا اثر ته آهستي آهستي گهٽجي رهيا آهن پر مهانگائي ۽ بيروزگاري جا جن جيڪي بوتل مان ٻاهر نڪتا آهن انهن کي واپس بوتل ۾ بند ڪرڻ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي جنهن ڪري عام عوام جو جيئڻ ڏينهون ڏينهن جنجال بڻجي رهيو آهي،پر وري جڏهن حڪومت ڏانهن نظر ڦيرائجي ٿي ته ان جي دلچسپي سياسي معاملن ۾ ايتري وڌيل نظر اچي رهي آهي جو لڳي ئي نه ٿو ته ان جي ايجنڊا ۾ انهي مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ختم يا ڪنٽرول ۾ رکڻ به آهي، جنهن وقت جيڏي مهل ڏس وزيراعظم کان وٺي هر وزير جي دلچسپي جا معاملا مخالفن خلاف رڳو ڪرپشن ۽ احتساب جون ڳالهيون ئي آهن.
حڪومت ٽن سالن جو مدو پورو ڪرڻ وڃي رهي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اندر هو پنهنجي ٽين بجيٽ به پيش ڪندي. حڪومت اها دعويٰ به ڪري رهي آهي ته معيشت مضبوط ٿي رهي آهي ۽ جيڪي معيشت جي ڪمزوري ۽ ڪورونا جي ڪري ڏکيا ڏينهن آيا اهي ختم ٿي ويا آهن ۽ هاڻي عوام کي ان جو ثمر ملڻ شروع ٿي ويو آهي،معيشت جي مضبوطي جي حڪومتي دعويٰ پنهنجي جاءِ تي پر زميني حقيقتون ان دعويٰ جي ابتڙ نظر اچي رهيون آهن.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پنهنجي ٽه ماهي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مالياتي خسارو 7.5 سيڪڙو تائين رهندو جڏهن ته مهانگائي جي شرح 9سيڪڙو تائين هوندي جيڪا ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته عام عوام لاءِ اڳتي به ڪي سولا ڏينهن ناهن اچڻا. اسٽيٽ بئنڪ اهو به چيو آهي ته مهانگائي جي شرح کي 6.5 تائين رکڻ وارو حدف حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي.اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا کان اڳ ۾ ورڪرن جو تعداد 5 ڪروڙ 57 لک هو جيڪو گهٽجي هاڻي ساڍا ٽي ڪروڙ تائين پهتو آهي مطلب ته تقريبن 2 ڪروڙ ماڻهو ڪورونا جي وبا سبب بيروزگار ٿي ويا جڏهن ته 67 لک ماڻهن جي آمدني ۾ گهٽتائي ٿي آهي .تعميراتي صنعت سان لاڳاپيل روزگار ۾ 59 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو سڌو اثر عام ماڻهو تي ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ عوام جي اڪثريت ڏهاڙي تي ڪمائڻ وارن ماڻهن جي آهي ۽ اها گهڻو ڪري انهي صنعتي شعبي سان ئي لاڳاپيل هوندي آهي جڏهن اتي روزگار جا موقعا ختم ٿين ٿا ته گهڻن گهرن جون چلهون اجهامي وڃن ٿيون ۽ خاندانن جا خاندان بکن تي گذارو ڪن ٿا .هڪ طرف روزگار ۽ آمدني ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف وري مهانگائي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي جنهن ڪري قوت خريد گهٽجڻ ڪري ماڻهو ٻيون ضرورتون ته پري جي ڳالهه رڳو ٻه ويلا ماني لاءِ به پريشان رهن ٿا، اها حالت رڳو ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ ماڻهن جي ناهي هاڻي ته سفيد پوش ۽ نوڪري پيشه ماڻهو به مهانگائي کي منهن نه ٿا ڏئي سگهن.
اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن معيشت جي بهتري طرف سفر واريون حڪومتي دعوائون درست آهن ته انهن جو ثمر عام ماڻهو تائين به پهچڻ گهرجي.ڪجهه ڏينهن ۾ جيڪا بجيٽ پيش ٿيڻي آهي ان کي انهي مهانگائي ۽ بيروزگاري کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو وڃي ته ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني سان عام ماڻهو ۽ خاص ڪري هيٺين سطح جي نوڪري ڪندڙ ماڻهن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ن کي رليف ڏئي سگهجي ٿو باقي جيڪڏهن رڳو معيشت جي بهتري جون دعوائون ڪيون وينديون ۽ انهي جو ثمر عام ماڻهن تائين منتقل نه ٿيندو ته اها بهتري انهن لاءِ ڪهڙي ڪم جي جنهن ۾ ماڻهو ٻه ويلا ماني لاءِ ئي پريشان رهي.