اڪري چودڳي (رپورٽ: ساگر امير حيدر شر) اڪري چودڳي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ جر کارو ٿي ويو، رهواسي مٺي پاڻيءَ لاءِ پريشان، سينکيو مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور، مٺي پاڻي جون اسڪيمون ناڪاره بڻجي ويون. تفصيل موجب تعلقي فيض گنج جي اهم ڪاروباري شهر اڪري ۽ ڀرپاسي جي 15 کان وڌيڪ ڳوٺن جو جر زهريلو ٿي ويو، جنهن سبب نلڪن جو پاڻي پيئڻ، رڌپچاءُ، وهنجڻ توڙي ڪپڙن ڌوئڻ جي  قابل به ناهي رهيو. اڪري چودڳي شهر، ڳوٺ هوند علي شر، عرض محمد خاصخيلي، الهداد اعواڻ، نياز آباد، آندل خاصخيلي، اڪري شريف سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ ڀرپاسي جر کارو ٿيڻ ۽ پاڻي ۾ سينکيو هجڻ سبب هزارين رهواسي مٺي پاڻي لاءِ پريشان آهن. ان سلسلي اڪري واسي امتياز علي اعواڻ، منير احمد شر، هنس راج، لکمير خاصخيلي، عبدالڪريم شر، فدا فقير ۽ٻين دانهيندي چيو ته حڪومت روزگار، روڊ رستن ۽ ٻين سهولتن کان ته سڪائي ڇڏيو آهي پر مٺي پاڻيءَ جهڙي اهم بنيادي ضرورت کان به محروم بڻايو ويو آهي. هنن جو چوڻ هو ته ڪيترن سالن کان منظور ٿيل پاڻيءَ جون اسڪيمون پائيپ لائينون وڇائڻ باوجود ناڪاره بڻيل آهن. علائقي واسين جو چوڻ هو ته تڪ جا چونڊيل نمائندا صرف اليڪشن وقت نظر ايندا آهن، اهي عذرخواهيون ڪرڻ ايندا، باقي پنج سال اسان جي زندگي ڪيترين تڪليفن ۾ گذري ٿي، ان جي کين پرواھ ناهي. هنن چيو ته جر جو پاڻي زهريلو هجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو جوڙن جي سور، دستن الٽين ۽ چمڙيءَ جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. هنن پبلڪ هيلٿ کاتي، ضلعي انتظاميا ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته اڪري ۽ آسپاس جي علائقن ۾ پاڻيءَ جي اسڪيمن کي فعال بڻايو وڃي.