نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو کان ڳوٺ مير محمد ڀٽو ويندي ڳوٺاڻي اوشاق علي ڀٽو کان هٿياربند ڀٽو اسٽيٽ ڀرسان موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا، پيڇو ڪرڻ تي فصل ۾ ويٺل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو گلزار ڀٽو پير ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. زخمي  نوجوان کي ڳوٺاڻا نئون ديرو اسپتال کڻائي آيا. اسپتال ۾ زخمي ٿيل نوجوان گلزار ڀٽو ٻڌايو ته اسان جي مائٽ اوشاق ڀٽو کان هٿياربند موٽر سائيڪل ڦر ڪري وڃي رهيا هئا ته اوشاق رڙيون ڪيون ۽ اسان رڙين تي ٻاهر نڪري آيا سين ۽ ڦورن جو پيڇو ڪيو ته ڦورو سارين جي فصل ۾ ويٺل هئا اسان کي ويجهو ايندي ڏسندي ئي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ دوران مون کي پير ۾ گولي لڳي.ڳوٺاڻي مراد علي ککراڻي ٻڌايو ته پيڇو ڪرڻ دوران ڦورو موٽرسائيڪل ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. پوليس آئي پر ڪچي طرف وڃڻ کان لنوائي رهي آهي.