اڏيرولال(ن پ ا) اڏيرولال لڳ يوسي شير محمد ٺوڙها جي ڳوٺ چوٽي ٺوڙها جي ڳوٺاڻن بنيادي سهولتون نه ملڻ  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. سڄڻ خاصخيلي، ابراهيم خاصخيلي ۽ ٻيا. خبر موجب يوسي شير محمد ٺوڙها جي ڳوٺ چوٽي ٺوڙها جي ڳوٺاڻن سڄڻ خاصخيلي، ابراهيم خاصخيلي ۽ ٻين دانهيون ته 30 سالن کان پ پ کي ووٽ ڏيندا اچون پر اڄ به اسان جي ڳوٺ ۾ نه پرائمري اسڪول، اسپتال، ڊرينيج سسٽم، سي سي بلاڪ ۽ ناليون سميت کوڙ سارا ترقياتي ڪم نه ڪرايا ويا آهن. برسات جو گندو پاني بيهڻ ڪري معصوم ٻارڙا، عورتون توڙي نوجوان مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن. ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ جي ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏينداسين.