باڊھه ( ن پ ا ) باڊھه ۾ڳوٺ راوت کيڙو جي رهواسي ملاح برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن عبدالمنان، ضميران خاتون جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته جاويد، فيروز ۽ محبوب کيڙو اسان  جي زمينن تي قبضو ڪيو آھي، نينگر تراب ملاح زمين ۾ مال چاري رهيو هو بااثرن ان کي به تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪيو آھي،بااثر ڳوٺ مان لڏائڻ چاهن ٿا،نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.