سکر (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي ۾ مبينا جعلي ڀرتين وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ شان علي شاهه جي هڪ لک عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. ايف آءِ اي ۾ ٿيندڙ مبينا جعلي ڀرتين بابت داخل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٿي گذري ، ٻڌڻيءَ دوران عدالت الزام هيٺ آيل جوابدار شان علي شاهه جي هڪ لک رپين عيوض ضمانت منظُور ڪري ورتي آهي. ياد رهي ته ڪيس ۾ نامزد ٻئي جوابدار انويجيليٽر علي حيدر شاهه جي اڳ ۾ ئي ضمانت ٿيل آهي.