سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ ۾ جڳ مشھور صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر رحمته الله عليه جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاء سنڌ جي مختلف شھرن کان ايندڙ پانڌيئڙن کي ڪورونا وائرس جي بچاء جي وئڪسين شروع ڪئي وئي آهي، ان لاءِ ڊي سي ڄامشورو  ۽ ڊي ايڇ او ڄامشورو جي ھدايتن تي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز پاران درگاھ جي گولڊن گيٽ واري صحن ۾ اوقاف ۽ ضلع انتظاميا جي سھڪار سان وئڪسين سينٽر قائم ڪري قلندر شھباز جي زيارت لاء ايندڙ پانڌيئڙن کي وئڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.