دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ جي پهرين ليگ جون سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون آهن. گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) ۾ 28 آگسٽ تي کيڏي ويندڙ ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٿينديون، پر ان کان اڳ ئي ميچ جي پهرين ليگ جون ٽڪيٽون صرف 3 ڪلاڪن ۾ وڪرو ٿي ويون. منتظمين جو چوڻ آهي ته پلاٽينم لسٽ ٿيل ٽڪيٽون جلد وڪري تي وينديون، پر آفيسرن جو چوڻ آهي ته انهن کي به جلد وڪڻڻ جي اميد آهي. ٻئي طرف ايشيا ڪپ جي ٻين ميچن جي ٽڪيٽن جي وڪري جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ٽڪيٽ جي سڀ کان گهٽ قيمت 2500 درهم آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪجهه ڪرڪيٽ مداحن پنهنجون ٽڪيٽون وڌيڪ اگهه تي وڪڻڻ جي ڪوشش به ڪئي، جنهن تي ٽڪيٽنگ پليٽ فارم فوري طور تي جواب ڏيندي چيو ته ٽڪيٽن کي ٻيهر وڪڻڻ تي سخت پابندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي شخص اها ٽڪيٽ خريد ڪئي ته اها رد ڪئي ويندي.