سوال/سروي .. حڪمران ڪرسي بچائڻ لاءِ ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪندا آهن، سياستدان ڪڏهن به گڏ نه ويهندا: عوام

0
154

   ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جوهري طاقت بڻجي سگهون ٿا ته معاشي طاقت ڇو نه؟ ميثاق معيشت لاءِ قومي ڊائلاگ جي ضرورت آهي: وزيراعظم جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا لاڳاپيل ڌرين ۾ ميثاق معيشت ٿيندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ميثاق معيشت ڪرڻ گهرجي پر هي سياستدان گڏ نه ويهندا، هنن کي ملڪ ۽ عوام جي پرواهه ئي ناهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پرويز خاصخيلي به سروي ۾ حصو ورتو، علي عباس جمالي لکيو ته اسان واري وزيراعظم کي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، گل حسن شر لکيو ته ڳالھه ته وزنائتي ڪئي آهي وزيراعظم ، ھاڻي سياسي اڳواڻن تي زميواري لاڳو ٿئي ٿي ته سياسي اختلاف ھڪ پاسي رکي وڏي قومي سوچ جو ثبوت ڏين ۽ سڀ ھڪ پيج تي گڏ ٿي ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍن سدائين قرباني غريب عوام ڏني آھي، عبدالسلام جان لکيو ته اهي رڳو حوال پيا ڪن، فضل سبزوئي لکيو ته پھريان شهباز شريف کي بخار ھو جڏهن عمران خان ميثاق معيشت جو ڳالهه ڪندو هو، ھاڻي وري ميثاق معيشت ياد آيو اٿس، صدام پيرزادو لکيو ته معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو اٿن رڳو حوال ڪندا عملي ڪم ڪو به نه ڪندو الله ايمان ڏي سڀني پارٽين وارن کي گڏجي ھڪ ميز تي ويھي پاڪستان جو سوچن. سليم اختر لکيو ته جيڪو به مشڪل ۾ ڦاسندو آهي اھي پاڻ بچائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن وزيراعظم جي ڪرسي کي لوڏو آهي انڪري ھاڻي اھي چالبازيون پيو ڪري. علي گوهر سومرو لکيو ته الله ٿو ڄاڻي ته ڇا حقيقت آھي، الياس سمون لکيو ته معشت جي تباهي انھن ڪري ڇڏي آهي نه ته پاڪستان ته قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، موهن لال لکيو ته ميثاق معيشت لاءِ قومي ڊائلاگ لاءِ فرضي بيان کانسواءِ عملي ڪم جي اشد ضرورت آهي انهي کوٽ سبب ملڪ تباهي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي ميثاق معيشت ملڪ لاءِ اهم جز آهي اميد ته لاڳاپيل ڌرين ۾ ميثاق معيشت ضرور ٿيندو. ممتاز علي سميجو لکيو ته پاڪستان جا حڪمران جي ايمانداري سان ڪم ڪن ته پاڪستان ۾ ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ناهي، مولائي اسد ماڇي لکيو ته اگر حڪمران چوري نه ڪن ته سڀ ڪجھه ٿي سگھي ٿو، سليم رضا جمالي لکيو ته ڪوڙا آهن رڳو عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، شنڪر لال لکيو ته پھرين اوھان سسٽم کي تي درست ڪريو. حاجي خان پنهور لکيو ته هي عمران سواءِ سڀ مفاد پرست ٽولا آهن جن هميشه عوام کي گهمراهه ڪيو آهي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪير به ناهي،  زاهد گل مجيداڻو لکيو ته ڪو به حڪمران ملڪ سان سچو ناھي بس سڀني کي پنهنجي پيٽ جي سوچ آهي، ظفر لاشاري لکيو ته مان گاريون ڏيڻ نه آيو آھيان پر مجبوري آهي، سعيد رونجهو لکيو ته اسان وٽ هرڪو هڪ ٻئي جو ڄنگهون ڇڪڻ ۾ پورو آهي نيڪ نيتي سان ڪم ڪن ته بهتري اچي سگهي ٿي، شيراز احمد لکيو ته ملڪ لاءِ سٺو قدم آهي، انيل ڪمار لکيو ته زبردست، ميانداد مري لکيو ته پاڪستان جا حڪمران ايمانداري سان ڪم ڪن ته پاڪستان ۾ ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ناهي، عبدالستار بلوچ لکيو ته عوام کي بيوقوف پيا بڻائن، محمد ابراهيم لکيو ته اصل ۾حڪمران ملڪ سان سچا ناهن جنھن جو مثال 75سال گذرڻ باوجود ملڪ جي معاشي صورتحال انتهائي ڪريل آھي، مظفر لغاري لکيو ته جوهري طاقت ٿيڻ وقت سڀ انڪم قومي خزاني ۾ ٿيندي هئي جڏهن ته هاڻي ٻاهران مليل قرض توڙي امداد سوئيز بينڪن ڏانهن باءِ پاس وٺن ٿا. وطن عزيز کي عالمي ادارن کان قرض وٺڻ جي ضرورت ئي نه پوندي اگر هاءِ پروفائيل آفيسرن جون مراعتون توڙي پروٽوڪول ختم ڪري وطن عزيز جي مالي مدد ڪئي وڃي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جي پگهار پنجويهه لک ۽ ڪجهه مراعتون به هيون اهڙي طرح ججز ۽ آرمي چيف توڙي صدر ۽ وزيراعظم پنهنجون مراعتون ختم ڪري ملڪ جي قومي خزاني کي فائدو ڏئي سگهن ٿا. جنيد زرين بلوچ لکيو ته ميثاق معيشت… اسان جا سياستدان جيڪڏهن ملڪ ۽ قوم سان سچا ھجن ھا ته ملڪ ۾ نوان نوان تجربا نه ٿين ھا…ميثاق جمھوريت ڪامياب ٿي وئي. ھاڻي ميثاق معيشت جو نعرو ڪرسي بچائڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي، ملڪ ۾ ٻه دفعا کان وڌيڪ ن ليگ اقتدار ۾ آئي. ڇا ملڪ ۾ سڌارا آڻي سگھي آهي.بلڪل به نه. غلام نبي بلوچ لکيو ته الله ڪو سٺو ليڊر پاڪستان ۾ پيدا ڪري ته سڀني ڪرپٽ ماڻهن مان جان ڇٽي پوي، هي سڀ اچن ٿا ۽ ملڪ لٽي هليا ٿا وڃن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته پهريان جڏهن عمران خان اها ڳالهه ڪئي هئي ته پي ڊي ايم وارن کي چڙ لڳي هئي هاڻ وري ساڳيون ڳالهيون پاڻ پيا ڪن، قربان علي ميراڻي لکيو ته وزيراعظم ڳالھه ته سٺي ڪئي ليڪن آھي صرف چوڻ تائين، ڇو ته جڪڏھن پاڪستان جي مضبوط ۽ مستحڪم معيشت ڪرڻ چاھين ٿا ته پوءِ ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪن، تمام سياستدانن جو ٻاھر موڪليل پئسو واپس آڻي ملڪي خزاني ۾ جمع ڪرائين، شاهد ڏاهري لکيو ته معيشت جي تباهي ۾ هنن جو وڏو ڪردار آهي، جعلي حڪومت عوام جي مشڪلاتن جي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، عابد حسين شر لکيو ته ملڪ کي هن حال تائين پهچائيندڙ چار چار ڀيرا حڪومتون ڪندڙن کي هاڻي ڳالھه سمجھه ۾ آئي آھي. مظفر شبير بوزدار لکيو ته اهي سچا ٿين ته اهڙا ئي بيان ئي نه ڏين، عرفان سيلرو لکيو ته صرف بيان ئي ڏئي سگهن ٿا ڪڏهن به گڏ نه ويهندا. زاهد گل مجيداڻو لکيو ته مشڪل ٿو لڳي عمران نيازي ضدي انسان آهي، صدام سنڌي لکيو ته چئي صحيح ٿو پر ڪير عمل ڪير نٿو ڪري، ساگر علي رضا لکيو ته پاڪستان جو هر وزيراعظم، صدر يا ائين کڻي چئجي ته هر وزير صرف ۽ صرف وڏا وڏا ڊائلاگ هڻي غريب عوام کي خواب ڏيکاري ٿو هي سڀ پهريان مهانگائي، بيروزگاري، تعليم، صحت، قومي معشيت ۽ ملڪي امن و امان تي ته ڪم ڪري ڏيکارين. امتياز جمالي لکيو ته اهڙن بيانن سان معيشت ٺيڪ نه ٿيندي، محمد الهيار لکيو ته قوم ننڊ ستل آھي ڀلا ننڊ ۾ به ڪير ڪجھ ڏسندو آھي ڇا؟؟ انور راجا لکيو ته پاڪستان جا حڪمران جي ايمانداري سان ڪم ڪن ته پاڪستان م ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ناهي.