روٽرڊم (اسپورٽس نيوز) هالينڊ خلاف پهرئين ونڊي ۾ پاڪستان ٻن رانديرن کي ڊيبو ڪرايو آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ آل رائونڊر سلمان علي آغا ۽ فاسٽ بالر نسيم شاهه کي ڊيبو ڪرايو ويو،ٻنهي رانديگرن ان موقعي تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ان حوالي سان ڳالهائيندي نسيم شاهه چيوته پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ هڪ خوبصورت احساس آهي، ڪرڪيٽ شروع ڪندي هر رانديگر جو خواب ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ آهي، انٽرنينشل پريشر کي منهن ڏيڻ ڏکيو هوندو آهي پر ڪوشش ڪندس ته بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيان. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ رئاريندي به آهي ته گھڻو کلائيندي به آهي، نوجوان رانديگر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني ٽيم ۾ ڪيئن شامل ٿيو آهيان، اهو هڪ ڊگھو قصو آهي.