نوابشاهه (بيورو رپورٽ) سيف سٽي پروجيڪٽ  جي افتتاحي تقريب دوران نوابشاهه جي صحافي اسماعيل ڊومڪي پ پ پ ايم پي اي علي حسن زرداري کان سوال ڪيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ مان ڪھڙو فائدو؟ نوابشاهه ۾ روز چورين ۽ ڦر جون وارداتون معمول موجب جاري آھن، شھر جو امن خراب آھي، جنھن تي ايس ايس پي نوابشاهه امير سعود مگسي مقامي صحافي تي ڏمرجي پيو ۽ صحافي کي چيائين ته سيف سٽي پروجيڪٽ لڳڻ سان توھان جو ڀتو بند ٿي ويو آهي، توھان کي ڀتو ناھي مليو،  ايس ايس پي جي اھڙي عمل تي مقامي صحافي اسماعيل ڊومڪي  ايس پي ڏانھن آڱر وڌائيندي چيو ته ايس ايس پي ڀتا خور تون پاڻ آھين، ڀتا توھان وٺو ٿا ۽  منشيات جا اڏا توهان هلائي اڏن تي توهان جو ڀتو مقرر ٿيل آھي، اھڙي  عمل تي پروگرام جي خاص مھمان علي حسن زرداري مقامي صحافي ۽ ايس ايس پي کي  چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو، جڏهن ته اهڙي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ٻي طرف علي حسن زرداري ايس ايس پي ۽ صحافي اسماعيل ڊومڪي کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڊي آءِ جي خادم حسين رند انھيءَ سموري معاملي۾ خاموشي اختيار ڪئي.