وارهه (ن پ ا) وارھ جي پراڻي ريشم بازار  مان ڪپڙي جي واپاري ۽ اهلسنت جماعت تعلقي وارھ جي  اڳواڻ محمد خان مغل جي گهر مان چور لائيسنس واري رائيفل ۽ رپيٽر چوري ڪري ويا. ان سلسلي ۾ محمد خان مغل ميڊيا کي ٻڌايو ته گهر خالي هو.گهر پهتس ته رائيفل ۽ رپيٽر چوري ٿيل هئا،  هن گهر ڪئي ته جوابدار گرفتار ڪري هٿيار واپس ڪرائي ڏنا وڃن هوڏانهن چوري واقعي جو ايم پي اي برهان چانڊيو نوٽيس وٺندي پوليس کي هدايتون ڪيون آھن ته چوري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏئي شھرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.