اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته 8 مارچ 2022ع تي جڏهن اسان جي حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي ته ڊالر جي قدر 178 رپيا هئي، اڄ ڊالر 250 رپين تائين پهچي ويو آهي، سماجي رابطن واري  ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته 8 مارچ تي مهانگائي جي شرح 16.5 سيڪڙو هئي، اڄ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو جي بلند ترين سطح کي ڇهي رهي آهي، هي امپورٽيڊ حڪومت مجرمن تي ئي رڳو مشتمل ناهي پر ان ۾ سراسر نااهل به آهن، سوال هي آهي ته ان سڄي تباهي جو ذميوار ڪير آهي؟