پشاور (م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان کي اقتدار مان ڪڍڻ ڪافي ناهي، سندس نالو نشان به مٽائڻو آهي، ادارا نيوٽرل رهن، طاقتور کي پيغام آهي ته اسان ڪنهن طاقتور جو داٻو قبول ناهيون ڪندا

ڪو جج تڪراري ٿي هڪ ڌر کي فائدي لاءِ عدليا کي استعمال ڪري ته رياستون ٽٽي وينديون  آهن. پشاور ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو ته افسوس سان چوڻو پيو ته پي ٽي آءِ کي ملڪ جي اشرافيه جي گهرن مان حمايت ملي آهي

هن عمران جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته کيس اقتدار تان هٽائڻ ڪافي ناهي، اڃا سندس نالو ۽ پيرن جا نشان مٽائڻا آهن، ”تنهنڪري هٿيار ڦٽا ناهن ڪرڻا، ميدان جنگ ۾ رهڻو آهي، سياسي جنگ وڙهڻي آهي آئين جي جنگ وڙهڻي آهي پر عوام کي ٻڌائڻو آهي“. فضل الرحمان چيو ته عدليا ڪنهن به رياست لاءِ لازمي ادارو هوندي آهي

ان جو احترام ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهون ٿا پر جيڪڏهن هڪ فرد جج جي عهدي تي ويهي پنهنجي رويي ۾ تڪراري بڻجي وڃي ۽ هڪ ڌر کي بچائڻ ۽ ان مقصد لاءِ عدليه کي استعمال ڪرڻ کي فرض سمجهي وٺي ته پوءِ آئون کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ان جا ڏور رس نتيجا نڪرندا آهن، توهان فوري طور تي هڪ ڌر کي رليف ڏنو، ان سان رياستون ٽٽي وينديون آهن

  پي ڊي ايم سربراهه جو چوڻ هو ته عمران خان جي گهر جي مسواڙ 9 سالن تائين آمريڪي قونصليٽ ڏيندو رهيو، آمريڪي قونصليٽ کان پئسو وٺندڙ آزادي جي ڳالهه ٿا ڪن، جنهن جي ڪابينا جا سڀئي صلاحڪار آمريڪا ۽ برطانيا جا شهري هجن، اهي اسان کي آزادي جو درس ٿا ڏين. هن چيو ته تحريڪ انصاف جهڙي باطل پارٽي خلاف جيڪڏهن اڪيلو وڙهڻو پيو ته نه وڙهندس، هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين، آئيني جنگ وڙهڻي آهي، تنهن ڪري ادارا نيوٽرل رهي

فضل الرحمان چيو ته توهان کي عالمي سازش ذريعي ڪڍيو نه ويو پر آندو ويو هو، رجيم چينج ڪير آهي ۽ ڪنهن جي خلاف سازش ٿي؟ سوشل ميڊيا سان مقبوليت جو اندازو ناهي لڳندو، نوجوان نسل کي فتني کان بچائڻو آهي. جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته ادارن کي استعمال ڪري اسان جي خلاف ڪيس ٺاهيا ويا، ڪير ڪيترو به طاقتور ۽ ڪنهن به اداري ۾ آهي، آئون طاقتور کي پيغام ڏيان ٿو ته اسان ڪنهن طاقتور جي داٻي کي قبول ناهيون ڪندا، ملڪ آهي ته اسان آهيون

اسان کي نظرياتي طور ملڪ کي بچائڻو آهي، عمران خان ته پاڪستان جي 3 ٽڪر ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي. فضل الرحمان چيو ته عدلتن کي درخواستون ڏئي منٿيون ڪري حق حاصل نه ڪري سگهنداسين، اوهان عوام جا نمائندا آهيو ۽ عوام وٽ وڃي هنن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي پنهنجو حق وٺو، اسان پٽڪا ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ نه پر منهن کڻي هلڻ لاءِ پاتيون آهن