”امي آءِ لو يو!“ سکر ۾ آپگهات ڪندڙ نوجوان ڊاڪٽر جو خط!

0
1031

سکر: راڻيپور واسي فائنل ايئر جي شاگرد جو لاش پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، گذريل رات دير سان سوسائٽي ۾ واقع جي ايم سي هاسٽل ۾ نوجوان ڊاڪٽر طارق شاهاڻي مبينا ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي هئي.پوليس مامري جي جاچ ڪري رهي آهي ته اها خودڪشي آهي يا قتل. پوليس جو چوڻ آهي ته زميني حقيقتن مان خودڪشي لڳي پئي پر ان باوجود گهڻ رخي جاچ جاري آهي۔ پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو جو چوڻ هو ته ڪورونا سبب ڪاليج ۾ تدريسي سرگرميون معطل هيون،طارق شاهاڻي فائنل ايئر جو شاگرد هو، ڪورونا سبب هاسٽلز به خالي ڪرايون ويون هيون، نوجوان سامان کڻڻ لاء هاسٽل آيو هو. ڪاليج جي پرنساپل جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي گارڊ کي هن پنهنجو سامان ۽ ڪتاب کڻي اچڻ جو چيو. نوجوان ڊاڪٽر جي ڪمري مان هڪ خط به هٿ ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته ”مان پنھنجي ھوش حواس سان خودڪشي ڪريان پيو. مان پنھنجي تڪليف اندر ۾ سانڍي پيو وڃان. ڀاءٌ غصنفر مان تنھنجو خواب پورو نہ ڪري سگھندس. امي آء لو يو!“