ميرپورماٿيلو: يارولُنڊ مان شادي شدہ عورت مبينا طور اغوا، والدين پاران احتجاج

0
340

ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ڳوٺ نھونڊي مان شادي شدہ عورت زرينه ڌيءَ تنُو مارواڙي مبينا طور اغوا ٿي وئي آھي، والدين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو آھي. عورت جي وارثن الزام هنيو ته جوابدار پھلوان جي، مُکي، ڪرشن، ليمون،موھن ۽ ھرچند مارواڙي سميت 8 کان وڌيڪ ھٿياربند اسان سڀني گھر ڀاتين کي نشو ڏيئي زرينه مارواڙي کي اغوا ڪري ويا آھن، هنن چيو ته گھر ۾ پيل 2 لک روپيه روڪ،سون ۽ چاندي جا زيور چوري ڪري ويا، پر يارولنڊ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي.