نوشهروفيروز ۾ ڊسپينسر جون ڊاڪٽر کي ڌمڪيون

0
282

نوشهروفيروز: ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ جي ھدايت ڪرڻ تي ڊسپينسر جون ڊاڪٽر کي ڌمڪيون ڏنيون، ان حوالي سان ڊاڪٽر عارف ٻوهيو جو چوڻ هو ته دسپينسر سميع جويو ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندي ڊائلاسز سينٽر ۾ ٻاھرين ماڻھن کي وٺي آيو، منع ڪرڻ تي هن موتمار ڌمڪيون ڏنيون. هن چيو ته ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي، پر پوليس ڊسپينسر کي گرفتار ناھي ڪيو. ڊاڪٽر چيو ته ڊسپينسر کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج ڪيو ويندو.