وفاقي سرڪار پاران ٽي ايل پي تي پابندي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو

0
187
ٽي ايل پي طرفان پي ٽي آءِ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي پابندي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، گهرو وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان بابت مشاورتي اجلاس ٿيو، ٽي ايل پي پاڪستان جي درخواست جو جائزو ورتو ويو، ذريعن موجب حڪومت ٽي ايل پي تي پابندي جو جائزو وٺڻ لاءِ 3 رڪني ڪمٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ گهرو وزارت جا 2 جوائنٽ سيڪريٽريز به ڪميٽي جو حصو هوندا، واضح رهي ته ملڪ ۾ احتجاج ۽ ڌرڻن بعد تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي مڙهي وئي هئي.