اميد ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن کي مائنس ون جِي اجازت نه ڏيندي: شاهه محمود

0
104
اميد ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن کي

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي توشه خانه ريفرنس جي فيصلي کان اڳ تبصرو ڪيو آهي ته اميد ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن کي مائنس ون جِي اجازت نه ڏيندي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته آئين تحت اليڪشن ڪميشن جو ڪم شفاف چونڊون ڪرائڻ  آهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ کي احتجاج کان روڪڻ لاءِ اسلام آباد کي ڪنٽينر رکي سيل ڪيو ويو آهي

شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪنهن کي سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو پر موجوده حڪومت انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي

ھي به پڙھندا

فيصلو عمران جَي حق ۾ اچي ته ٺيڪ، نه ته ڀرپور احتجاج ڪرڻو آهي: پرويز خٽڪ جي مبينا آڊيو وائرل

عمران خان نااهل ٿيندو، يا ڪيس عدالت موڪليو ويندو؟ فيصلو ڪجهه دير ۾