بلوچستان تي آخر ڌيان ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟

0
144
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بلوچستان جو مسئلو بحث هيٺ آيو آهي،جنهن ۾ بهتر ڳالهه اها ٿي آهي ته حڪومت ۾ شامل ماڻهو به اهومحسوس ڪري رهيا آهن ته بلوچستان سان زيادتي ٿي رهي آهي ۽ انهي مسئلي جو ڪو حل ڪڍڻ گهرجي،نه ته اڪثر ايئن ٿيندو هو ته حڪومت ۾ شامل ماڻهو بلوچستان جي حالتن کي رڳو دشمن جي سازش قرار ڏئي پنهنجي ذميوارين مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا،ٿي سگهي ٿو حالتن مان دشمن به فائدو وٺڻ جي ڪوسش ڪندا هجن پر جيڪي حقيقتون آهن انهن کان ڪن لاٽار ڪرڻ جو مطلب مسئلي کي وڌائڻ يا اينگهائڻ آهي جنهن ڪري ئي صورتحال اڄ تائين بهتري طرف نه ٿي وڃي.

بلوچستان جو مسئلو آهي ڇا پهرين ته ان کي سمجهڻو پوندو پوءِ ئي ان تي ڳالهه ٻولهه ڪري ان کي حل طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.اسان وٽ سدائين اهو ٿيندو رهيو آهي ته طاقتور ڌرين ڪڏهن به بلوچستان ۾ حقيقي نمائندگي کي قبول نه ڪيو آهي جنهن ڪري اتي سدائين اهڙا ماڻهو اقتدار ۾ايندا رهيا آهن جن تي اتان جي عوام جو اعتماد نه رهيو آهي يا وري اهڙن ماڻهن کي اڳيان ڪيو ويندو آهي جيڪي صوبي جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ کان لنوائيندا هجن،جنهن ڪري ئي اتي سدائين بدگمانيون پيدا ٿينديون رهن ٿيون.ٻه ڏينهن اڳ  قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف بلوچستان صوبي مان لاش ملڻ ۽ بلوچستان جي ٻين مسئلن جي حل لاءِ ٽرٿ ۽ ري ڪنسيليئيشن ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪندي اهو مامرو وفاقي ڪابينا ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ملتان جي اسپتال مان مليل لاشن جي حڪومتي وزيرن ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي،پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو ته بلوچستان ۽ ملتان مان لاشن جا ڍير لڳا پيا آهن، هن ملڪ ۾ حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهيون آهن، جن ۾ جمهوري حڪومتون به رهيون ته غير جمهوري حڪومتون به پر بلوچستان جون حالتون ڇو تبديل نه ٿي رهيون آهن. وسيم تابش هڪ شاگرد هو، جنهن لاپتا ماڻهن بابت شعر لکيو، هن ملڪ ۾ شاعري ڪرڻ به جرم آهي، لکڻ، ڳالهائڻ به جرم آهي،  جيڪو لکي ٿو ۽ ڳالهائي ٿو ان کي کنڀيو وڃي ٿو، اسان ڳالهايون ٿا ته چيو وڃي ٿو ته توهان ادارن بابت ڳالهايو ٿا پوءِ اسان ڪنهن لاءِ ڳالهايون؟ انساني حقن جي وفاقي وزير رياض پيرزاده چيو ته ملڪ جي حالتن کان اسان وڌيڪ منهن موڙي نٿا سگهون، هن اختر مينگل جي تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته شڪر آهي ته ايوان ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جهڙن ماڻهن کي 1993ع ۾ اسيمبلي ۾ ڏسندو هئس، انساني حقن جي حوالي سان اسان کي عالمي سطح تي تنقيد برداشت ڪرڻي پوي ٿي، پاڪستان جا ادارا، عدليه، فوج اسان جو تحفظ نه ڪري سگهيا آهن، وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو ته جيستائين هتي عوامي نمائندن کي برداشت نه ڪيو ويندو، مسئلا پيدا ٿيندا رهندا، 73ع جي آئين تي عمل ڪيو وڃي ته 90 سيڪڙو مسئلا ۽ محروميون ختم ٿي وينديون.اڳ به اهڙي قسم جون ڳالهيون اسيمبلي يا سينيٽ جي اجلاسن ۾ ٿينديون رهيون آهن پر اڪثر ڪري اهي مخالف ڌر جا اڳواڻ ڪندا رهيا آهن پر هن ڀيري حڪومت جا وزير پاڻ انهن مسئلن تي ڳالهائي رهيا آهن جنهن مان لڳي ٿو ته حڪومت کي شين جي سنجيدگي جو اندازو ٿيو آهي ته حالتون ڪيتريون خراب ٿينديون ٿيون وڃن. جيڪڏهن حڪومت کي اهو اندازو ٿيو آهي ته پوءِ اڳڀرائي جي اميد ڪري سگهجي ٿي ڇاڪاڻ ته ڀلي صوبو ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ هجي پر آئيني طور اول ۽ آخر ذميواري ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي آهي .

اسان سمجهون ٿا ته بلوچستان بابت دفاع جي وزير خواجه آصف جي ٽرٿ اينڊ ريڪنسيليئيشن جي تجويز بهتر آهي جنهن تي عمل ڪندي  بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، جيڪڏهن هاڻي به ان مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ ڳالهين کان وڌي عملي طور قدم نه کنيا ويا ته حالتون وڌيڪ خرابي طرف وينديون ۽ دشمن ان جو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. اختر مينگل جي اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته جمهوري حڪومتون هجن يا غير جمهوري پر بلوچستان جون حالتون تبديل نه ٿيون ٿين،تنهن ڪري هاڻي انهن حالتن کي تبديل ٿيڻ گهرجي جيڪي لڳاتار بلوچستان کي بدامني جي باهه ۾ ساڙي رهيون آهن.