اليڪشن لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: خواجا آصف

0
138

اليڪشن لاءِ مخالف ڌر سان

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اليڪشن لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، سياستدانن جي وچ۾ دوستي آهي اسان پاڻ ۾ وڙهيل ناهيون

سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ اندر هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته حڪومت جو شروع کان ئي اهو مقوف رهيو آهي ته سياسي معاملا سياستدانن کي ئي حل ڪرڻ گهرجن

هن چيو ته حڪومت چاهي ته اليڪشن صاف ۽ شفاف نموني ڪرائي وڃي انڪري پوري ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ ذريعي چونڊون ڪرائڻ لازمي آهن جيڪڏهن پنجاب ۾ پهرين چونڊون ٿيون ته بعد ۾ ٿيندڙ چونڊن تي آڱريون کڄنديون

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ اندر هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ بابت ٻڌڻي جاري: سياسي قيادت موجود