سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ اندر هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ بابت ٻڌڻي جاري: سياسي قيادت موجود

0
179

اسٽيٽ بينڪ گورنر کي

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ ۾ پوري ملڪ اندر هڪ وقت چونڊون ڪرائڻ بابت شهري جي درخواست تي ٻڌڻي جاري آهي سياسي قيادت پڻ موجود آهي

 عدالت پاران وزير اعظم شهباز شريف، عمران خان، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول صديقي، اسفند يار ولي، چوڌري شجاعت حسين  ۽ ٻين اڳواڻن کي طلب ڪيو ويو هو

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ته سراج الحق صاحب اوهان سٺو  ڪم ڪري رهيا آهيو، اوهان کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، الله اوهان کي ڪامياب ڪري

گذريل ڏينهن واري ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا هئا ته جيڪڏهن سياسي جماعتون چونڊن جي تاريخ بدلائڻ چاهين ته عدالت انهن سان گڏ آهي، سياسي جماعتون هڪ موقف تي اچن تي گنجائش نڪري سگهي ٿي، سياسي ڳالهين ۾ اتفاق ٿيو ته  ٺيڪ آهي ٻي صورت ۾ اسان 14 مئي جو حڪم جاري ڪري چڪا آهيون

 سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنڇ قومي ۽ صوبائي  تڪن تي هڪ ئي وقت اليڪشن ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ ڊائلاگ بابت شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، سمورا سياسي اڳواڻ عدالت نه پهچڻ ڪري ٻڌڻي  15 منٽن جي وققي بعد ٻيهر جاري ٿي وئي آهي

هي به پڙهندا

ملڪ ۾ اليڪشن هڪ ئي وقت ڪرائڻ جون درخواستون:  سياسي جماعتون هڪ موقف تي اچي وڃن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي: چيف جسٽس