ڌاڙيلن جي ڌر بڻيل سياستدان ۽ ناڪام آپريشن

0
103
ڌاڙيلن جي ڌر بڻيل سياستدان ۽ ناڪام آپريشن

ھن وقت ڪچي جون حالتون ڪجهه ھن ريت آهن ته سموري ڪچي جي چوڌاري 400 کان 600 ميٽرن جي مفاصلي تي پوليس پڪٽون قائم ڪري ڪچي کي مڪمل سيل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪٿي کاهيون کوٽيون ويون آهن ته ڪٿي وري ٻيا بچاءَ وارا ديسي اپاءَ ورتا ويا آھن. پوليس جو ھي آپريشن گهڻي وقت تائين هلندو؟ آپريشن مان ڪھڙي  قسم جا نتيجا گھربل ھوندا؟ اهو آپريشن ٽن چئن مھينن کان ھلي رهيو آهي، ان جو ڪو جوڳو نتيجو ڇو نه نڪري سگھيو آهي؟ ان آپريشن  جي ختم ٿيڻ تائين پوليس ۽ ڌاڙيلن جو گهڻي حد تائين نقصان جو انديشو آهي؟ انهن سوالن سميت ڪيترن ئي سوالن جا جواب پوليس آفيسرن کان گھربل آهن. گذريل ڇھن مھينن ۾ جيڪو اتر سنڌ (خاص ڪري ڪچي) ۾ پوليس جو جيترو نقصان ٿيو آهي، شايد ئي ايترو نقصان اڳ ڪڏهن ٿيو ھجي. پنج مھينا اڳ ميرپور ماٿيلي جي راونتي واري ڪچي ۾ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او رينڪ جي آفيسرن سميت پنجن اھلڪارن کي شھيد ڪيو ويو ھو. ان واقعي بعد ڌاڙيل گھوٽڪي ضلعي کي جنگ جو ميدان سمجهڻ لڳا. جيڪو پوليس وارو، جتي مليو ٿي، ان تي اتي ڌاريلن گوليون پئي وسايون. ميرپور ماٿيلي سان تعلق رکندڙ پوليس اھلڪار مشتاق گڏاڻي جيڪو نيشنل هاءِ وي تي FFC گيٽ وٽ ڊيوٽي ڪري رھيو ھو ته رات جو ڌاڙيلن حملو ڪري انکي شهيد ڪري ڇڏيو. ياد رھي  ته ھي واقعو ايس ايس پي آفيس جي بلڪل ويجهو ٿيو ھو. اھڙي نموني شڪارپور ۽ ڪشمور- ڪنڌڪوٽ جا علائقا به ٻريل آهن. ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جتي ڪجهه ڏينهن اڳ ٻه پوليس اھلڪار شھيد ۽ پنج زخمي ٿيا ۽ ڪجهه عرصو اڳ دراني مھر واري علائقي ۾ ھڪ ڊي ايس پي زخمي ۽ ايس ايڇ او عبداللطيف شھيد ٿيو ھو.

جڏهن ڪو ھڪ فرد به قتل ٿئي ٿو ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهو گرفتار ٿين ٿا، پر افسوس جو ميرپور ماٿيل جي راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ جتي پنج پوليس جي جوانن جون شھادتون ٿيون ھيون، ان واقعي جا سمورا گھربل ڌاڙيل به گرفتار نه ٿي سگھيا ۽ نه ئي وري جاچ ڪري واقعي جي سببن تائين پھتا آهن. واضح رهي ته جڏهن ھي واقعو ٿيو ھو ته ان کان پوءِ ٽائيم نيوز تي ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ڊي آءِ جي سکر الڳ الڳ موقف رکيا هئا. ايس ايس پي جو چوڻ ھو ته آپريشن ھلندڙ ھو ۽ ڊي آءِ جي جو چوڻ ھو ته پوليس بازياب ڪرائڻ ويل هئي، ڪنهن به قسم جو آپريشن ھلندڙ نه ھو. جڏهن ته ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو ۽ ڊي ايس پي اوٻاوڙو رائونتي ۾ شھيد ٿين ٿا، جنهن مان واضح سمجھي سگھون ٿا ته ڪو ننڍو يا وڏو آپريشن ھلندڙ ھو ۽ پوليس جا بالا آفيسر ان کان اڻڄاڻ هئا. ان جو جيڪو نتيجو نڪتو، اھو اسان سڀني جي سامهون آهي. ان واقعي جي شھيدن جي وارثن جي بيانن جو متن به ڪجهه ھن طرح ھو ته، 5 پوليس اھلڪار شھيد ٿين ٿا، بروقت ٻي پوليس نفري ڇو نه پھتي؟ ان واقعي ۾ پوليس جو ڪاريون رڍون ڌاڙيلن سان مليل آهن. واقعي جي شفاف جاچ ڪڏهن ٿيندي؟ پوليس وارن کي سندن پٽي ڀائين طرفان دوکو ڏنو ويو آهي، وغيره.

      عيد جيڪا خوشي جو ڏڻ آهي، ھن عيد تي ڌاڙيلن ھٿان شھادتون ماڻيندڙ پوليس وارن جي وارثن جون ڪھڙيون ڪيفيتون ھونديون؟ انهن جي گھرن جو ڪھڙو حال ھوندو؟ اھي ٻار جن کي ھر عيد تي پنهنجي والد طرفان خريداري ڪرائي ويندي هئي، هن ڀيري انهن خريداري ڪئي به ھوندي الائي نه! ولايت ۾ پرڻيل اھا پوليس واري جي نياڻي، جنهن سان ملڻ ھر سال بابا پاڻ ايندو ھو، ھن عيد تي جڏهن خلق خوشيون ملهائيندي، تڏھن ان نياڻي جي ڇا ڪيفيت ھوندي؟ اھي گلن جھڙا ٻارڙا جيڪي ھر سال عيد تي پنهنجي والد سان شھر ويندا هئا، ھن عيد تي انهن کي ڪو شھر وٺي ويندو به الائي نه! شهيد اهلڪارن جي خون سان ڪڏهن انصاف ٿيندو؟ اسان جي شھيدن جا قاتل ڪڏهن گرفتار ٿيندا؟ اھو سوچي اھي وارث ھر ھر سڏڪندا ھوندا.

هجڻ ائين گهرجي ته پوليس جي شھادتن جي ايف آءِ آر ڌاڙيلن سان گڏ پوليس جي ڪارين رڍن تي به ٿئي ها ته رائونتي واري واقعي کان پوءِ وارن واقعن ۾ گھٽتائي اچي ھا. ڪجهه ڏينهن اڳ شڪارپور ضلعي جي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز پوسٽنگ لسٽ سوشل ميڊيا تي نظر مان گذري، جنهن ۾ ايس ايڇ او جي پوسٽ تي اي ايس آءِ کان ويندي هيڊ ڪانسٽيبل ۽ سپاهي رکيل هئا، جيڪا ڳالهه پڻ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. شڪارپور جو اڳوڻو ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان، جنهن ھڪ چونڊيل نمائندي جي ڪرتوتن جي رپورٽ بند لفافي ۾ پنهنجي اعليٰ عملدار ڏانهن اماڻي ته سنڌ حڪومت ان آفيسر کي بغير ڪنهن شفاف انڪوائريءَ جي صوبي بدر ڪري ڇڏيو. جنهن مان پڻ واضح سمجهڻ گھرجي ته سياستدانن جا پوليس ۽ ڌاڙيلن سان ڪيتري حد تائين تعلقات آهن. تازو ئي ايس ايس پي عرفان سمون بيان ڏنو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل ۾ وڏيرن کي گرفتار ڪرڻو پيو ته انهن کي به ڪندس. اھڙي بيان کانپوءِ ايس ايس پي عرفان کي ڪشمور کان ھٽايو ويو.

ڪجهه سال اڳ گھوٽڪي ۾ قبيلائي دهشتگردي ختم ٿيڻ جو نالو به نه پئي ورتو, جڏهن ايس ايس پي پير محمد شاهه آيو ته ان ملوث سياسي ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن جو نتيجو اھو نڪتو جو اتي خوني تڪرار گهٽجي ويا. سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪچي جي ڌاڙيلن کي به سگھاري سياسي ڌرين جي حمايت حاصل ھجڻ نظر اچي رھي آهي. ھن وقت به ڌاڙيلن جي ساٿاري سياستدانن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن ته ڌاڙيل ڪلچر به ھميشـ لاءِ ڪمزور ٿي ويندو. تازو ٿيل پوليس جي نقصان ۾ انهن پوليس جي ڪارين رڍن کي به ڌر بڻايو وڃي، جيڪي ناقص چين اي پي سيز جي خريداريءَ ۾ ملوث آھن، ڇو ته جڏهن به پوليس بھادري سان وڃي ڌاڙيلن سان مھاڏو اٽڪائي ٿي ته ھميشـ بڪتربند گاڏين ۾ انھن جا لاش اچن ٿا، ڇو ته بڪتربند گاڏيون ناقص مٽيريل جون ٺهيل آهن. اڳ ۾ جڏهن پوليس بڪتربند گاڏين ۾ چڙهي ڌاڙيلن ڏانھن ويندي ھئي ته ڌاڙيل پنھنجا ٿاڪ ڇڏي ڀڄي ويندا ھئا ۽ ھاڻي جڏهن پوليس انهن ساڳين گاڏين تي چڙهي وڃي ٿي ته پوليس وارن جا لاش ملن ٿا.

اسان آءِ جي سنڌ کان اھو مطالبو ڪريون ٿا ته ماضي ۾ بڪتربند گاڏين ۾ جيترن به  پوليس اھلڪارن جا لاش مليا آهن، انهن واقعن ۾ اي پي سيز گاڏي مھيا ڪندڙ ادارن ۽ آفيسرن کي ڌر بڻائي انهن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن. کان حساب ورتو وڃي. ڪچي جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس کي بلٽ پروف گاڏيون ڏنيون وڃن. ھڪ واضح ۽ جامع رپورٽ جاچ بعد جاري ڪئي وڃي ته ڪھڙن سببن جي ڪري گذريل پنجن مھينن ۾ پوليس جو ايترو نقصان ٿيو آهي؟ رائونتي واقعي بابت ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي جي بيانن جي تضاد جو ڇا سبب ھو؟