افغان جنگ جي خاتمي ۽ امن معاهدي ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي: جو بائيڊن

0
432

واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي صدر جو بائيڊن جو چوڻ آهي ته افغان جنگ جي خاتمي ۽ امن واري معاهدي تائين پهچڻ ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي. پنهنجي حڪومت جي 100 هين ڏينهن تي، آمريڪي صدر جو بائيڊن ڊيموڪريٽڪ اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته افغان جنگ جي خاتمي ۽ امن معاهدي تائين پهچڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي. آمريڪي صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ مستقبل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. ماحولياتي تبديلي تي ڳالهائيندي صدر بائيڊن چيو ته هن ماحولياتي تبديلي تي سڀني ملڪن کي گڏ ڪري اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ، 100 ڏينهن ۾ ڪيترائي واعدا پورا ڪيا ۽ آئنده به ڪندو رهندس.