شهزادي وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن پنهنجو يوٽيوب چينل ٺاهي ورتو

0
358

لنڊن (ڊيسڪ رپورٽ) برطانوي شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ ميڊلٽن به يوٽيوبر بڻجي ويا آهن ۽ هنن پنهنجو يوٽيوب چينل ٺاهي ورتو آهي. شاهي جوڙو پنهنجي يوٽيوب چينل تي پهرين وڊيو پڻ اپ لوڊ ڪئي آهي جيڪا انهن جي يادگار لمحن کي اجاگر ڪري ٿي. يوٽيوب چينل کي ‘ڊيوڪ ۽ ڊچس آف ڪيمبرج’ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي 78،000 کان وڌيڪ ماڻهن ان کي سبسڪرائب ڪيو آهي، جڏهن ته هن چينل جي يوٽيوب انتظاميه به تصديق ڪئي آهي. صارفين جو هڪ وڏو تعداد شاهي جوڙي کي ڀليڪار ۽ مبارڪباد ڏئي رهيو آهي.