حيدرآباد: نينگر کُليل گٽر ۾ ڪري فوت

0
221

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ انتظاميا گٽرن جا کُليل منهن بند نه ڪيا، باءِ پاس واري علائقي ۾ نينگر کُليل گٽر ۾ ڪري فوت، نينگر روڊ تي کُليل گٽر ۾ ڪري پيو ته علائقي واسين کيس بيهوشي حالت ۾ ڪڍي ورتو، نينگر سجاد پنهور اسپتال نيئندي دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي علائقن جي رستن ۽گهٽين تي گٽرن جا منهن کُليل آهن، شڪايتن باوجود انتظاميا گٽرن جا منهن بند نه ڪيا، نتيجي ۾ وڌيڪ هڪ نينگر حياتي وڃائي ويٺو، رهواسين طرفان سنگين لاپرواهي جو نوٽيس وٺي ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آھي.