افغانستان ٻيهر دهشتگردن جو ٿاڪ بڻجي ويو: آمريڪا جي ليڪ ڳجهن دستاويزن ۾ انڪشاف

0
265

افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جو ٿاڪ بڻجي چڪو آهي، آمريڪا جي دفاع واري اداري پينٽاگون جي ليڪ ٿيل دستاويزن موجب دهشتگرد تنظيم داعش افغانستان ذريعي يورپ ۽ ايشيا ۾ دهشتگرد حملن جي منصوبابندي ڪري رهي آهي

پينٽاگون موجب داعش پاران افغانستان کان ٻاهر دهشتگرد ڪارروائين جو نيٽ ورڪ تيار ڪيو پيو وڃي

 ليڪ ٿيل دستاويزن موجب داعش سفارتخانن، گرجا گهرن، ڪاروباري مرڪزن ۽ فيفا ورلڊ ڪپ جي تقريبن تي حملن جي رٿابندي ڪئي آهي