لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان خلاف سيريز ۾ شڪست: محمد رضوان نوجوان رانديگرن جي حق ۾ سامهون اچي ويو. تفصيل موجب افغانستان خلاف شارجا ۾ جاري ٽي -20 سيريز ۾ لاڳيتو 2 مچ هارائڻ بعد قومي ٽيم سخت نشاني تي اچي وئي آهي اهڙي صورتحال ۾ قومي ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان نوجوان رانديگرن جي حق ۾ ميدان ۾ اچي ويو آهي. محمد رضوان ٽويٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مونکي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل  نوجوان سپراسٽارز جي صلاحيتن تي مڪمل يقين ۽ اعتماد آهي. هن چيو ته نوجوان سپراسٽارز مضبوط رهن ۽ ان شڪست کي پنهنجي اندر جي باهه ڀڙڪائڻ ڏين، هن کين مخاطب ٿيندي چيو آهي ته سخت محنت ڪريو ۽ يقين رکواوهان چيئمپين آهيو ۽ متحد ٿي مقابلو ڪريو، آخري مئچ کٽي سگهو ٿا. واضح رهي ته شارجا ۾ ٽن مئچن تي مشتمل  ٽي-20 سيريز لاءِ قومي ٽيم ڪيترن ئي اهم سينئر رانديگرن کي آرام جو موقعو ڏئي نوجوان رانديگرن کي سامل آهي جنهن ۾ صائم ايوب، محمد حارث، طيب طاهر، عبدالله شفيق، زمان خان، امان الله ۽ ٻيا رانديگر شامل آهن.