افغانستان جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ پريشان پاڙيسري

0
255

ويهه سال اول آمريڪا مسافر جهازن جي ذريعي پاڻ تي ٿيل حملن جو پلاند وٺڻ ۽ پوري دنيا کي سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ هڪ ٻي جنگ “وار آن ٽيرر” ۾ اڇلائڻ کان اول آمريڪي جنرل شايد اها منصوبابندي ڪرڻ وساري ويهي رهيا هئا ته اسان جنگ ته شروع ڪرڻ وڃون پيا پر جنگ جي ختم ٿيڻ وقت جيڪڏهن حالتون پنهنجي ڪنٽرول هيٺ نه رهنديون ته پوءِ ڇا ڪنداسين. هن وقت آمريڪا جي حالت انتهائي قابل رحم آهي جو “وار آن ٽيرر” جي پاليسي تحت افغانستان ۾ طالبان ۽ القائده خلاف شروع ڪيل جنگ کي ختم ڪرڻ جو اعلان 2014ع ۾ ڪرڻ باوجود هن وقت تائين ڪا واضح منصوبابندي ڪرڻ کان قاصر رهيا آهن. طالبان سان سڌي ريت دوحا ۾2019ع ۾ امن معاهدو ڪرڻ باوجود هن وقت تائين افغانستان ۾ نه ڪو سياسي روڊ ميپ طئه ڪري سگهيا آهن ۽ نه وري پنهنجي سموري فوج جي افغانستان مان نڪري وڃڻ کان پوءِ پنهنجو ڪو سياسي اثر رسوخ کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي حمايت يافته سياسي گروهن کي پوءِ ايندڙ تڪليفن بابت ڪو منصوبو ڏئي سگهيا آهن. اول اها منصوبابندي ڪئي وئي ته پنهنجن فوجين کي پاڙيسري ملڪن ۾ منتقل ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ ضرورت مهل انهن کي افغانستان ۾ پنهنجي حمايت يافته سياسي گروهن کي بچائڻ خاطر اتان طالبان تي حملا ڪري پنهنجي رٽ کي ڪنهن حد تائين برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي .ان منصوبي جي تڪميل لاءِ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان کي چونڊيو ويو.آمريڪا طرفان افغانستان ۾ رهيل آخري فوجي دستن کي پاڪستان اندر ڪنهن هوائي اڏي اندر رهڻ لاءِ پاڪستان کان اجازت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن دوران گذريل ٻن مهينن دوران آمريڪا جي انتهائي اعليٰ درجي جا فوجي عهديدار پاڪستان جي عسڪري ۽ سياسي شخصيتن کي فوجي اڏا فراهم ڪرڻ لاءِ چوندا رهيا پر پاڪستان جي حڪومت مڪمل طور نابري واري ڇڏي ۽ نيٺ آءِ ايس آءِ جي چيف سميت اعليٰ فوجي عملدارن ۽ آرمي چيف پاڪستان جي حڪومتي ۽ اپوزِيشن جي مختلف پارٽين جي شخصيتن کي افغانستان جي تازي صورتحال، آمريڪا طرفان هوائي اڏي جي گهر سميت مختلف ملڪي صورتحال بابت گڏ ويهاري هڪ جامع بريفنگ ڏني وئي.جيتوڻيڪ هن اهم بريفنگ ۾ ملڪ جو وزير اعظم ملڪ اندر موجود هجڻ جي باوجود به شريڪ نه ٿيو ۽ وزير اعظم واري ڪرسي خالي هئي.
پاڪستان جي پرڏيهي آفيس طرفان آمريڪا کي فوجي اڏن جي فراهمي بابت اهو موقف رکيو ويو آهي ته ماضي ۾ پاڪستان اول ئي ٻين جي جنگن ۾ شموليت اختيار ڪري پنهنجو گهڻو ڪجهه نقصان ڪيو آهي.هن وقت پاڪستان وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي ان ڪري اسان ڪنهن به غير ملڪي فوجين کي پنهنجي سرزمين پاڙيسري ملڪ افغانستان خلاف استعمال ڪرڻ ڪونه ڏينداسين.ان کان اول طالبان طرفان پڻ اهو بيان سامهون اچي چڪو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي فوج افغانستان جي ڪنهن پاڙيسري ملڪ اندر ويهي اسان جي خلاف سازش ڪندو ته اسان ان ملڪ جي مفادن تي حملا ڪنداسين.
پاڪستان جيڪو اول ئي تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي جيڪڏهن آمريڪي فورسز پاڪستان ۾ ويهي ڪري افغان طالبان خلاف ڪارروائي ڪري ٿي ته افغان طالبان يقينن پنهنجي مخالف تحريڪ طالبان پاڪستان سان ملي ڪري پاڪستان جي مفادن خلاف ڪارروائي ڪري سگهن ٿا.ليڪن موجوده حڪومت جي واضح ۽ چٽي موقف جي ڪري هن وقت آمريڪا پريشاني جي عالم ۾ پنهنجي سموري فوج پئسفڪ سمنڊ اندر موجود هوائي اڏن ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي.جنهن ۾ افغانستان اندر موجود انتهائي اهم فوجي اڏو بگرام ايئر بيس رات جي انداهي ۾ افغان فوج کي اطلاع ڏيڻ بنا خالي ڪري هليا ويا .ان تي افغان فوج جي ڪمانڊر انتهائي حيرت جو اظهار پڻ ڪري چڪو آهي ۽ هن وقت بگرام ايئر بيس مڪمل طور افغان فوج جي ڪنٽرول ۾ آهي.
هن اڏي تي طالبان جا 2 هزار کان مٿي همدرد ۽ جنگجو قيد آهن جنهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ طالبان ڪنهن به وقت هن اڏي تي ڀرپور حملو ڪري سگهن ٿا ۽ ڪجهه آزاد ميڊيا جي ذريعن مطابق بگرام هوائي اڏي جي آس پاس وارن ٻهراڙين ۾ طالبان جي چرپر جا به اطلاع آهن.
پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان هڪ ٽي وي چينل تي آمريڪا کي هوائي اڏن جي فراهمي بابت اهو بيان ڏنو ته دنيا جي انتهائي جديد جنگي سازوسامان سان مسلح تمام طاقتور فوج افغانستان اندر ٻن ڏهاڪن تائين ويهي ڪري جنگ نه کٽي سگهي آهي ته اها هاڻي پاڪستان اندر ويهي ڪيئن افغانستان جي جنگ کٽي سگهي ٿو .
طالبان جنگي حڪمت عملي تحت هن وقت پوري افعانستان ۾ پنهنجي جنگجو ويڙهاڪن کي فعال ڪري ڇڏيو آهي.افغانستان جي 421 ضلعن مان 200 ضلعن تي هن وقت طالبان جو مڪمل ڪنٽرول آهي.جيڪو تقريبن اڌ افغانستان جي برابر آهي.هن وقت به تاجڪستان جي سرحدي پٽي تي طالبان قبضو ڪري افغان فوج کي تاجڪستان اندر ڌڪي ڇڏيو آهي جنهن جي تاجڪستان حڪومت پڻ تصديق ڪئي آهي.هن وقت پاڪستان جي سرحدي علائقن قنڌار ۽ قندوز ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهن جنهن سان ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان جي سرحد تي هڪ دفعو ٻيهر افغان پناهگير جو دٻاءُ پوندو.
هن وقت هندستان پڻ افغانستان اندر پنهنجي حمايت يافته سياسي گروهن جي مدد سان طالبان جي امن معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي.جنهن جو ذڪر پاڪستان سرڪاري طور تي به ڪري چڪو آهي ۽ هندستان جي ڪوشش اها آهي ته جيترو افغانستان غير مستحڪم هوندو اوترو ئي اسان پاڪستان جي اولهه واري سرحد تي دٻاءُ برقرار رکي سگهنداسين.ڇو ته هن وقت به ڪافي سياسي گروه هندستان جي زير اثر آهن ۽ انهن سياسي گروهن سان پاڪستان پڻ پنهنجا ناتا بحال ڪرڻ ۽ پيدا ٿيل خال کي ڀرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي .پرڏيهي وزير گذريل 6 مهينن دوران ڪافي دفعا سرڪاري طور افغان حڪومت سان ملاقاتون ڪري آيو آهي.جنهن دوران اهو پڻ تسليم ڪيو ويو ته اسان ماضي ۾ صرف هڪ گروهه جي مدد ڪئي جيڪا غلطي هئي.
هن وقت پاڪستان مضبوط ۽ مستحڪم افغانستان لاءِ انهن سياسي گروهن کي به پنهنجي ڌاڳي ڦيڻي هيٺ آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪي هندستان جي اثر هيٺ رهيا آهن.
افغانستان ۾ آمريڪا جي شڪست کان اول سويت يونين کي پڻ مجاهدين طرفان خطرناڪ شڪست ملي هئي جنهن ۾ 15 هزار کان مٿي سويت يونين جي فوجين کي تابوتن ۾ بند ڪري ملڪ روانو ڪيو ويو جڏهن ته 35 هزار کان مٿي سويت يونين جا فوجي زخمي ٿيا.ان جنگ دوران ڪجهه آزاد ذريعن موجب 2 ملين (20 لک) عام افغاني ماڻهو ان جنگ ۾ انتهائي سخت متاثر ٿيا هئا،جنهن ۾ مارجي ويل ۽ زخمي به شامل آهن.جڏهن ته 4 لک ماڻهو پاڪستان ۽ ايران ۾ پناهگير ٿي ويا ۽ ملڪ اندر 2 لک ماڻهو ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا.ان وڏي انساني لڏپلاڻ ۽ تباهڪارين جي باوجود به سويت يونين جي فوج بنا ڪنهن منصوبابندي جي افغانستان مان نڪري وئي جنهن جي ڪري هڪ دفعو ٻيهر اتي سياسي ۽ قبائلي گروهن ۾ گهمسان جي گهرو جنگ ڇڙي وئي.
هن وقت پڻ ساڳئي صورتحال آهي.آمريڪا جا 3 هزار کان مٿي فوجي طالبان سان گوريلا جنگ دوران مارجي ويا جڏهن ته20 هزار کان مٿي زخمي ٿيا.اها صرف آمريڪا جا انگ اکر آهن جڏهن ته اتحادي فوجين جا انگ اکر الڳ آهن.هن وقت ملڪ اندر گهرو جنگ جي شروعات ٿي وئي آهي جنهن جو اندازو گذريل جون جي مهيني دوران 700 افغان فوجين جو طالبان سان جهيڙي ۾ مارجڻ سان لڳائي سگهجي ٿو جيڪو 2001ع کان اڄ تائين هڪ مهيني دوران افغان فوجين جي مارجڻ جو تمام گهڻو تعداد آهي. ڪجهه ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته طالبان جي پريشر ڊپلوميسي ۽ افغان سياسي گروهن سان ڪنهن به هڪ نقطي تي سهمت نه ٿيڻ جو اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪنهن معاهدي تي پهچڻ کان اول انتهائي اهم علائقن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ايندڙ وقت ۾ افغانستان ۾ پنهنجي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل آهن.
مستحڪم افغانستان سڄي خطي لاءِ ضروري آهي جنهن ۾ خاص طور چين ۽ روس لاءِ هن وقت افغانستان انهن جي سيڪيورٽي پاليسي جو حصو بڻجي ويا آهن.
پاڪستان ۽ ايران پڻ افغان حڪومت ۽ طالبان جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري ڪنهن هڪ نقطي تي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن جنهن ۾ تهران ۾ افغان حڪومت جي نمائندن ۽ طالبان جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين سان ان مسئلي جي شدت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته جيڪڏهن گهرو جنگ جا شعلا پاڙيسري ملڪن ۾ محسوس ٿيندا ته وڏو انساني الميو پيدا ٿي سگهي ٿو.