معاملي مان معاملا بڻبا آھن !

0
184

انسان جڏھن ڌرتي تي پير پاتو تڏھن کان معاملن جي طويل تاريخ جي ابتدا ٿي چڪي هئي. انسان غارن غفائن جهنگن جهرن ۽ برن مان گذرندي گهڻا ئي ڏُکيا ڪٺن ۽ طويل سفر طئي ڪيا آھن. معاملا مسئلا مشڪلاتون ڏُک پيڙائون تڪليفون انساني زندگي جو ثمر و سامان ۽ زندگي جي جُز جو حصو رهيون آھن! انسان جڏھن شعور جي منزل تي پهتو، تڏھن معاملا سمجهڻ شروع ڪيا. اُھي معاملا جيڪي حل ٿيڻ ممڪن نه هئا اُھي به حل ٿيا، جيڪي حل ٿيڻ ممڪن هئا اُھي نه ٿي سگهيا. مسئلو معاملي جي ماءُ آھي! جڏھن مسئلو معاملو بڻجي ويندو آھي ۽ معاملي مان معاملا بڻجي ويندا آھن، تڏھن انسان ان تي رات ڏينهن سوچڻ شروع ڪري ڇڏيندو آھي.
مسئلا شڪسپيئر، گوئٽي، والٽيئر، جان ڪيٽس، هيگل، روسو، ڪبير، تلسي داس، ميران ٻائي لطيف سان به هئا ته سسئي سھڻي، ليلا مجنُون، هير رانجها سان به هئا. سقراط افلاطون ارسطو سان به هئا ته فاتح سڪندر اعظم سان به هئا، پر انهن سمورن سان صرف مسئلا هئا گوتم ٻڌُ سان وڏا ڪي معاملا هئا جو هن پنهنجي عيش و آرام واري زندگي ترڪ ڪري ويران رستن گهٽين ڪنڊن تي هلڻ شروع ڪيو هو!
مسئلن تي سوچ ويچار ڪندي ڪڏھن ڪڏھن معاملا بڻجي ويندا آھن! انسان بيچين ٿي ڀٽڪندو آھي. يارن دوستن جي ڪچهري ۾ پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيندو آھي. پر اُھي مسئلا حل ٿيندا ئي ناهن ٿوري دير لاءِ ذھن جي پردي تان غائب ٿيندا آھن، لاشعور ٿوري ننڊ ڪرڻ جي مُھلت ضرور ڏئي ٿو ۽ پوءِ وري شعور جي کاتي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندو آھي.
قبل مسيح جا ماڻھو معاملي کي معاملا ٿيڻ کان روڪي ڇڏڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪندا هئا. هو اُھي سڀ معاملا ديوينَ ديوتائن جي بلي ڪري ڇڏيندا هئا. انهن جو عقيدو ڪچو نه هوندو هو ٻيو آدمشماري جي گهٽ هئڻ سبب مسئلو مسئلا نه بڻبا هئا. ٿيلس جي همعصر شيئلا ڪمال جي عورت هئي، جيڪا ٿيلس کي ڏاڍي وڻندي به هئي! ڇاڪاڻ جو هن کي ٿيلس ڏاهي سمجهندو هو! شيئلا اوائلي فلسفي ڏاهين عورتن مان هڪ هئي.ٿيلس تي شيئلا فڪري تنقيد ڪئي هُئي قصو هيئن آھي ته “ٿيلس هڪ صبح آسمان ڏانهن منهن ڪري ڏسي رهيو هو ۽ وکون به کڻندو پئي آيو، ٿيلس جي ٿورو اڳيان مفاصلي تي شيئلا بيٺي هئي،ٿيلس فلسفي هو سائنسي ۽ کوجنا ڪندڙ ماڻھو هو، ۽ شيئلا جي علم ۾ ھو ته ٿيلس سائنسي ذھن آھي، هو ديوين ديوتائن جي معجزن تي سوال ڪندو آھي! جيئن ٿيلس ويجهو ٿيو ته هن جو کاٻو پير ڪنهن کڏي ۾ ويو ۽ ٿيلس ٿاڙٻندي پاڻ کي سنڀالي ورتو هو. تڏهن شيئلا ٽھڪ ڏيندي چيو ته سائنسدان آسمان ۾ سيارن ڪھڪشائن کي ڳولڻ وڃي رهيا آھن، پر سنڀالي زمين تي پنهنجو پير نه ٿا سگهن.” افلاطون پنهنجي تنقيد جي پهرين ڪتاب پوئيٽڪ ۾ شيئلا جي اهڙي مذاق کي سماجي ۽ فڪري تنقيد ڪوٺيو آھي.
ذهني فڪري مسئلو لازمي مسئلا بڻبا آھن ! پر اُھي معاملن تائين ناهن پهچي سگهبا، ماڻھو ته ازل کان سوچي ٿو پر ذھن ڪڏھن ڪڏھن سوچڻ جا در بند ڪري ڇڏيندو آھي! جڏھن سوچ ويچار جا دڳ بند ٿي ويندا آھن تڏھن زمانو ان کي چريو سمجهي ٿو! ۽ پوءِ اُھي چڱين اسپتالن جي حوالي ٿي پوندا آھن! جيڪڏھن پئسو پائي ناهي ته اُھي فٽ پاٿ ۽ روڊ رستن جا دوست ٿي پوندا آھن.
هر ماڻھو هر انسان هر جاندار جا پنهنجا پنهنجا مسئلا هوندا آھن، پر انهن جا حل هڪٻئي ۾ موجود هوندا آھن، رابطن جي اڻتيار سبب مسئلا دٻجي ويندا آھن، ميل ميلاپ آھي اتي مسئلا حل ٿيو وڃن ٿا.
جيئن هر ماڻھو جا مسئلا مختلف ۽ جدا جدا هوندا آھن تيئن هر سماج هر ملڪ هر دماغ جا مسئلا پنهنجا پنهنجا ۽ جدا جدا هوندا آھن.
يورپ جو سماج ايڊوانس آھي، ماڻھو محنت ڪري ذاتي زندگي ۾ مصروف رهي ٿو! ٻار ٻچا جيترن جي پرورش ڪرائي سگهي ماڻھو ايترا ئي ٻار پيدا ڪندو آھي!هن جو وڏو ڪارڻ هي آھي، جو معاملي مان معاملا نه بڻبا آھن. سنڌي ماڻھو ۽ سنڌي سماج ۾ معاملو مسئلو بنھه گھٽ معاملا ۽ مسئلا کوڙ ملندا آھن! سنڌي سماج ايترو ته پٺتي پيل آھي، جو ھر ٻيو ماڻھو پنهنجن پنهنجن مسئلن ۾ ڦاٿل گھيريل گھٻرايل نظر ايندو آھي. انهن ماڻھن جي معاملن جا ناڪاري سبب کوڙ آھن مثبت صفا ٿورڙا آھن، يا هيئن به چئجي ته نه هئڻ برابر آھن! هاريءَ لاءِ زميندار لٺيون کڻيو مسئلا رکيو سنڀالي ويٺو هوندو آھي! پورهيت لاءِ مالڪ هر وقت ڪاوڙ مان سامهون ويٺل هوندو آھي! مجال آھي جو پورهيت جو هڪ به مسئلو حل ڪري ڏيڻ جي اجازت ڏيڻ جي تڪليف ڪري، مڊل ۽ غربت جي لڪير کان هيٺ جي زندگي گذاريندڙ ماڻھو به چوويھه ڪلاڪ پريشان رهي ٿو کين معاملا ايترا بالغ ٿيل هوندا آھن، جو سندس زندگي حياتي جي ساهن پساهن جو گاڏو گهلڻ به دشوار بنجي ويندو آھي! اتي ماسٽر چندر به نه ٿو چئي ته عشق جو گاڏو چندر ڪڏھن تون پيو ڌڪين، ڪڏھن مان پيو ڌڪان! چندر سمجهي ٿو ته گهلڻ کان ڪم گهڻو آھي. نه تعليم نه اسڪول نه صحت نه مستقبل نه سوچ نه ويچار.
معاملا بادشاهن جي مٿي جو سور به رهيا آھن، چنگيز خان منگول گهراڻي جو ننڍو ماڻھو هو کين هر شيءَ ميسر هوندي هئي، پر ڪجھه ڀرپاسي وارا ملڪ فتح ڪرڻ بعد هن کي شوق ٿيو ته چين کي به پنهنجي قبضي ۾ ڪيان ۽ هو ڪامياب به ويو، سڪندر اعظم سان به ساڳيو معاملو هو. هن وقت به بادشاهه پنهنجي تخت ڪرسين کي چنبڙيل آھن! انهن لاءِ مقدس ڪرسيون آھن! 
جتي جو عام ماڻھو مسئلن جي ور چڙھيل هجي اتي لازمي طور تي انهي سماج انهي ملڪ انهي جاءِ انهي ڳوٺ جو باشعور ماڻھو به معاملن جي چوگرد ڦرندو رهي ٿو! اهڙي سماج جي باشعور علم ، ادب ۽ ليکڪن جا معاملا به پنهنجي ليکي عام ماڻھو کان وڌيڪ هوندا آھن“ ڇاڪاڻ جو اُھو نه رڳو پنهنجي زندگي ۽ ذاتي طور تي سوچ ويچار ڪندو آھي، پر هو پوري سماج جي تبديلي جو سرچشمو بڻيل هوندو آھي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته اهڙي سماج جي فڪري ماڻھو لاءِ جيئڻ ڪنهن هزار موت کان گهٽ ناهي هوندو”.
اسان معاملي تي وڌيڪ ڳالهيون ڪنداسين ته اُھي انهي گفگتو جو فائدو وٺندي معاملا بنجي ويندا! معاملن جا حل اذيتناڪ ٿيندا آھن، ته ڪڏھن ڪڏھن ڀلا به ٿيندا آھن! جو اُھي اک پور ۾ حل ٿيندا آھن، “اک پُور ۾ حل ٿيڻ وارا معاملا وري به باشعور ماڻھو ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ليکڪ هڪ ليک لکي معاملي جو حل سمجهي ٿو ايئن به ٿي سگهي ٿو پر سئو سيڪڙو سچ به ناهي”.
پاڻ به اڄ ڳالھه کي هتي ٿا ڇڏيون ايئن نه ٿئي جو معاملن تي ڳالهائيندي لکندي پڙھندي ڪنهن معاملي جي ور نه چڙھي وڃون!