افغانستان جي خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ سنڌ

0
235

افغانستان مان جيئن جيئن آمريڪي ۽ اتحادي فوج پنهنجو ٻن ڏهاڪن وارو فوجي تجربو پوري ڪري پنهنجي فوجن جي واپسي شروع ڪري رهي آهي تيئن تيئن طالبان ويڙهاڪن پاران وڌ کان وڌ ضلعن، قلعن ۽ بارڊرن تي قبضا پڻ جاري آهن.ايران، پاڪستان ۽ چين سان لڳندڙ افغان سرحدن جي ڪجهه اهم بارڊر ڪراس جڳهن تي طالبان آساني سان ايئن قبضو ڪري ورتو آهي جو افغان فوجن جا اهلڪار يا ته انهن چيڪ پوسٽن تان ڀڄي ويا يا وري انهن بارڊر ڪراس ڪري ٻين ملڪن ۾ پناهه ورتي آهي. آمريڪا جي صدر جو بائيڊن کان واشنگٽن ۾ جڏهن صحافين سوال ڪيا ته هن آمريڪي مفادن کي اڳيان رکي واضح ڳالهيون ڪيون.هن چيو ته اڃان ڪيترا آمريڪي ڊالر ۽ آمريڪي فوجي اسان افغانستان ۾ زيان ڪيون ۽ ڪيستائين.آمريڪي صدر موجب هن ڀيري افغانستان ۾ ڪجهه اهڙا آمريڪي سپاهي به وڙهيا آهن جن جا ابا ڏاڏا پڻ افغانستان جي گذريل جنگين ۾ وڙهي چڪا آهن.
هن چيو ته اهو سلسلو ڇا پوٽن پڙپوٽن تائين هلايون.هڪ صحافيءَ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ ٻه لک سپاهين تي مشتمل فوج آهي ۽ اها 754 هزار طالبانن کي منهن ڏئي ويندي.اسان افغانستان ۾ امن امان ڪرائڻ ويا هئاسين جيڪو ڪم مڪمل ٿيو.باقي افغان قوم جي نئين سر تعمير اهي پاڻ افغان پاڻ ڪندا.آمريڪي صدر جي ان مختصر گفتگو مان ايئن لڳو ته آمريڪا هن ڀيري ماضيءَ جيان افغانستان مان تڙ تڪڙ ۾ ڀڄڻ چاهي ٿو.سندن آخري فوجون اڃان سيپٽمبر تائين نڪرنديون پاڻ کين افغانستان مان نڪرڻ جي ايتري تڪڙ آهي جو ميڊيا رپورٽن موجب بگرام ايئربيس تان هو رات جو لائيٽون بند ڪري پنهنجي ميزبانن يعني افغان اهلڪارن کي ٻڌائڻ کانسواءَ صبح سوير نڪري ويا.ان قسم جي ڀاڄ کي اسان جي ٻهراڙين ۾ چوراڻي سنگت چوندا آهن.جو جيڪي چور رات جو اچي ڪنهن دوست وٽ مهمان ٿيندا آهن سي عصر جو آذانن مهل بنا ڪنهن نيرن ناشتي يا ميزبانن کان موڪلائڻ جي پاڻمرادو نڪري ويندا آهن.
آمريڪا جي اهڙي چوراڻي سنگت سبب هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان ۾ سندن ساک خراب ٿي آهي ۽ ماڻهو کين برو سمجهي رهيا آهن.يعني ٻن ڏهاڪن جي جنگ ۾ هو عام افغاني ماڻهو جو اعتماد به حاصل نه ڪري سگهيا.آمريڪا جي ٻن ڏهاڪن واري افغان ايڊونچر کين ٽريلين ڊالرز واري رقم سان گڏ آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي جاني نقصان سان گڏ سندن اڳ ۾ ئي بري ٿيل ساک کي ويتر خراب ڪري ڇڏيو آهي.
نائين اليون وارن حملن بعد جڏهن 2001ع ۾ آمريڪي اتحادي فوجي آيا ته انهن پنهنجي افغان مشن کي ٽن فيزن ۾ ورهائي کنيو. پهرئين فيز ۾ هنن طالبان جي حڪومت ختم ڪئي.
ٻئي فيز ۾ هنن جو ارادو هو ته طالبان جي فوجي طاقت کي ڪمزور ڪري سندن ويڙهاڪن کي شڪست ڏجي ۽ افغان حڪومت جا نوان ادارا قائم ڪري انهن کي مستحڪم ڪجي. جڏهن ته ٽئين فيز ۾ هنن پنهنجو منصوبو اهو جوڙيو هو ته عام افغان عوام کي طالبان جي حملن کان محفوظ بڻائجي پر ٻن ڏهاڪن تائين افغانستان ۾ پئسو پاڻي وانگر وهائڻ جي باوجود آمريڪا ۽ سندن اتحادي اهي ڪاميابيون حاصل نه ڪري سگهيا جيڪي سندن منصوبن جو حصو هيون.اهو ته تمام طويل بحث ٿي ويندو ته جيڪڏهن آمريڪا ستر واري ڏهاڪي جي سرد جنگ دوران روس کي مات ڏيڻ خاطر افغانستان جي خلق پارٽي يعني پيپلزپارٽي ۽ پرچم پارٽي جي تڏا ويڙهه واري سازش ۾ انڌو ٿي شريڪ نه ٿئي ها ته هينئر کين انهن پراڻين پارٽين جي ڪنهن نه ڪنهن ڪيڊر مان سٺي سوچ وارا ماڻهو ملي وڃن ها.پر هينئر جڏهن افغانستان مان پرڏيهي عالمي طاقتون پنهنجو سامان ٻڌي نڪرڻ واريون آهن ته عام افغاني نه پر عام پاڪستاني ماڻهن کي به اهو خدشو کٽڪي رهيو آهي ته ڇا بم ڌماڪن ۽ خودڪش ڌماڪن جي خوفناڪ ۽ بي رحم موسم وري واپس اچڻ واري آهي.اهي خدشا يا کٽڪا صرف عام ماڻهن جي دلين ۾ ناهن پر اهي خدشا ملڪ جي اصل اقتدار ڌڻين کي پڻ جام ٿي رهيا آهن تنهنڪري ئي عسڪري قيادت پارليامينٽ ۾ موجود سياسي پارٽين جي نمائنده وفدن کي افغانستان تي بريفنگ ڏني آهي.جنهن ۾ کين سموري ڳنڀير صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو آهي.
افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال پاڪستان لاءِ ۽ خاص ڪري سنڌ لاءِ انڪري به اهم آهي جو افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جي صورت ۾ هن ڀيري افغان پناهگيرن جو وڏو انگ هميشه جيان اچي ڪراچي پهچندو.جتي اڳ ۾ ئي سندن اهي مٽ مائٽ ويٺل آهن جيڪي مختلف وقتن تي افغانستان مان لڏي اچي ڪراچي ويٺا آهن.
اسي واري ڏهاڪي جي آمريت دور ۾ جنرل ضياءَ جي کين وڏي پشت پناهي حاصل هئي تنهنڪري جتي به انهن کي آسان لڳو افغان پناهگيرن کي آباد ڪيو ويو.افغاني پناهگيرن پاڻ سان گڏ پنهنجي ٻارن ٻچن سان گڏ اهو ڪلاشنڪوف ۽ هيروئن ڪلچر به آندو جيڪو اسان جي معاشري کي ڏهاڪن تائين ڏنگيندو رهيو.افغان پناهگيرن کي مختلف حڪمران پنهنجي ملڪ جو باعزت مهمان قرار ڏيندا رهيا ۽ هميشه انهن کي سهولتون ڏيندا رهيا پر هن ڀيري افغان پناهگيرن بابت پاليسي ڪجهه تبديل نظر اچي رهي آهي.وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ ۾ سمورن پناهگيرن ۽ غير ملڪين کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو.جڏهن ته بلوچستان ۾ پرو اسٽيبلشمينٽ واري سياسي اڳواڻ سرفراز بگٽي چيو آهي ته هن ڀيري اسان افغان پناهگيرن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون.هن چيو ته پناهگيرن بلوچستان جو ڪلچر ۽ وسيلا تباهه ڪري ڇڏيا آهن تنهنڪري هن ڀيري انهن کي اچڻ نه ڏبو.اڳ ۾ موجود افغان پناهگيرن کي گذارش ٿا ڪريون ته نڪري وڃو ان کان اڳ جو بلوچستان جا بلوچ ۽ پشتون توهان کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍن.سرفراز بگٽي ۽ شيخ رشيد جي بيانن مان واضح آهي ته هن ڀيري اسٽيبلشمينٽ افغان پناهگيرن سان ڪو نرم رويو رکڻ نٿي چاهي.پر هن مهل تائين سنڌ جا حڪمران ان معاملي تي خاموش آهن ۽ واضح موقف اختيار نه ڪري سگهيا آهن.
سنڌ جي وزيراعليٰ جو صرف ايترو بيان آيو آهي ته کين آرمي چيف واري بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هيترا لک افغان پناهگير ڪراچي اچي سگهن ٿا.پر سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڪا پاليسي جوڙي آهي ته جيئن اهي وفاق کي ۽ دنيا کي ٻڌائي سگهن ته سنڌ ۾ اڳواٽ ئي لکين افغان پناهگير ويٺل آهن. جن هاڻي پنهنجا شناختي ڪارڊ ٺهرائي سنڌ ۾ ملڪيتون وٺي ڪاروبار شروع ڪري ڏنو آهي تنهنڪري سنڌ پناهگيرن جو وڌيڪ بار برداشت نٿي ڪري سگهي. ڇا سنڌ حڪومت وفاق اڳيان ايترو ڪمزور آهي جو ان قسم جو پاليسي بيان به نٿي ڏئي سگهي ته سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو آهي ڇا جو جنهن کي جتان ۽ جڏهن وڻي هو سنڌ هليو اچي کيس شناخت ۽ سنڌ جو ڊوميسائيل ملي ويندو.
سنڌ حڪومت کي گهرجي ته وفاق اڳيان ۽ عسڪري قيادت اڳيان صرف پنهنجي وزيرن مشيرن جا ڪرپشن ڪيس رکڻ بدران سنڌ جي مستقبل بابت سوچ ويچار ڪن ۽ وفاقي قيادتن اڳيان پنهنجا ۽ سنڌ جا خدشا بهتر نموني پيش ڪري سگهن..افغانستان ۾ طالبان جو دور واپس اچي رهيو آهي اهڙي بدلجندڙ صورتحال ۾ وڌ کان وڌ متاثر سنڌ جي دل ڪراچي ٿيندي جتي آبادي جي تناسب سان گڏ شهر جي ڊيموگرافي ۾ پڻ نمايان تبديليون نظر اينديون پر ڇا سنڌ سرڪار ۾ ايتري جرئت پيدا ٿي سگهندي ته اها جيئن پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ته هو افغان پناهگيرن کي هن ڀيري ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي سرزمين استعمال ڪرڻ نه ڏيندا ڇو ته اهي دهشتگرد انتها پسند پيدا ڪرڻ جون هلندڙ ڦرندڙ فيڪٽريون بڻيل آهن جيڪي ڪٿي به ۽ ڪنهن وقت به مقامي ماڻهن کي پنهنجي گينگ جو حصو بڻائي ڇڏين ٿا انهن ڳالهين تي اعتبار نه اچيو ته ڪوٽڙي ۽ آسپاس جي علائقن مان گرفتار ٿيل نوان چهرا ڏسي وٺو ته ڪيئن نه هو ڪوٽڙي مان ويهي القاعده ۽ دولت اسلامي کي منظم ڪري ۽ نيٽ ورڪ هلائي رهيا آهن ۽ وقت اچڻ تي صفوران سانحي جهڙا حادثا ڪري يا ته فرار يا وري سليپنگ سيل واري زندگي گذاري رهيا آهن.