ناڪام پي ڊي ايم ۽ مرحوم نوابزاده نصر الله خان جي ياد

0
212

تحريڪ انصاف حڪومت خلاف پي ڊي ايم جڙڻ وقت ئي سياسي پنڊتن جو خيال هو ته هي اتحاد به گهڻو وقت هلي نه ٿو سگهي. اتحاد جي ڏهن پارٽين مان ٻه وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ سياسي مقصدن ۾ هڪٻئي کان گهڻو ڏور هجڻ جي باوجود شايد وقتي ضرورتن سبب هڪٻئي جي ڪافي ويجهو ٿي ويون هيون. محترمه مريم نواز جو لاڙڪاڻي ۾ نئون ديرو اچڻ، شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏيڻ، کين خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ ٻئي طرف وري بلاول ڀٽو زرداري جو لاهور ۾ جاتي امرا تي حاضري ڏيڻ ۽ مريم نواز کي تعريفي جملن سان ياد ڪرڻ سان اهو تاثر عام هو ته ممڪن آهي عمران خان مان جان ڇڏائڻ لاءِ پنهنجن سياسي سوچن تي ضابطو رکي اتحاد کي مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ ڪامياب بنائڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن.
اهڙن مثبت اشارن جي موجودگي باوجود بئريسٽر اعتزاز احسن جهڙن پپيلزپارٽي جي پراڻن ڪارڪنن ۽ سياسي اڳواڻن جو خيال هو ته نواز ليگ تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي ۽ اها پنهنجي ذاتي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن وقت به پيپلزپارٽي کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿي. اهڙي طرح خواجه آصف ۽ شاهد خاقان عباسي به پيپلزپارٽي لاءِ سٺي سوچ نه رکندا هئا. اهڙين بدگماني وارين سوچن جي باوجود ٻن مختلف خيال پارٽين کي گڏ هلائڻ لاءِ مرحوم نوابزاده نصر الله خان جهڙي سياسي رهنما جي ضرورت هئي. نوابزاده ۾ انتهائي درجي جي قوت برداشت ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي. هو مختلف خيال جماعتن کي گڏ رکڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ ۾ وڏي مهارت جو مالڪ هو. مولانا فضل الرحمان زيرڪ ۽ داناءُ سياستدان آهي. کيس ڪافي سياسي تجربو به حاصل آهي. ديني علمي معلومات جو به وٽس وڏو خزانو آهي پر شايد نوابزاده نصر الله خان وارين صلاحيتن کان عاري آهي جيڪي پي ڊي ايم جي اتحاد کي ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ درڪار هيون. محترم آصف علي زرداري پارٽي جي جهونن اڳواڻن جي صلاح مشوري سان عمران خان جي حڪومت کي رخصت ڪرڻ لاءِ جن راهن کي اختيار ڪري رهيو هو انهن ۾ کيس ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪافي اميد هئي. هن مرڪزي حڪومت کان اڳ پنجاب ۾ سردار عثمان بزدار جي حڪومت کي هٽائڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ۽ مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري شجاعت سان ملي پنجاب حڪومت عمران خان کان کسڻ لاءِ هڪ مضبوط پلان بڻايو هو جنهن ۾ چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جي وڏ وزارت تي آڻڻ جون تياريون هيون جيڪڏهن پي ڊي ايم آصف زرداري جي هن پلاننگ کي هٿي ڏئي ها ته يقينن پنجاب حڪومت وڃڻ کانپوءِ عمران خان جي مرڪزي حڪومت جو بچڻ مشڪل هجي ها. پر نواز ليگ کي چوڌري پرويز الاهي ۽ پيپلزپارٽي جو اهڙي طرح پنجاب ۾ خيما کوڙڻ منظور نه هو. نواز ليگ عمران خان حڪومت جا عذاب ڀوڳڻ لاءِ ته تيار هئي پر هو ق ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ اڳتي اچڻ لاءِ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي ان ڪري آصف علي زرداري جو ڪامياب رٿيل هي منصوبو نواز ليگ جي انڪار سبب فلاپ ٿي ويو. جيڪڏهن مرحوم نوابزاده نصر الله خان هجي ها ته شايد اثر رسوخ قائم رکڻ ۾ به ڪامياب رهي ها ۽ ق ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي تحريڪ انصاف جي شڪست سبب انهن جون صوبائي ۽ مرڪزي اسيمبلي جون ڪجهه سيٽون ملي وڃن ها. نواز ليگ اها اسڪيم قبول ڪرڻ بدران پيپلزپارٽي جي پي ڊي ايم ۾ وڌندڙ مقبوليت کان خوف کائي ان کي پي ڊي ايم مان ڪڍڻ ۽ پي ڊي ايم تي پنهنجو اثر رسوخ ڄمائڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان سان ملي پيپلزپارٽي کي سنڌ حڪومت ۽ اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيارڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳي. حالانڪه پيپلزپارٽي شروع کان ئي اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ جي مخالف هئي. رڳو آخري آن رڪارڊ طور استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي سگهي پئي پر مولانا فضل الرحمان جيڪو پاڻ اسيمبلين کان ٻاهر آهي ۽ نواز ليگ جنهن جي پنجاب ۾ حڪومت ناهي اها پيپلزپارٽي کي استعيفائون ڏياري پاڻ جهڙو ڪرڻ ٿي گهريو، جيڪو پيپلزپارٽي کي قبول نه هو. پوءِ سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي اپوزيشن ليڊر چونڊجڻ جو بهانو ڪري شاهد خاقان عباسي پيپلزپارٽي ۽ عوامي ليگ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا. پي ڊي ايم ڪو رجسٽرڊ سياسي اتحاد ڪو نه هو ۽ نه وري اهڙي رجسٽرد اتحاد جو ڪو آئين آهي جنهن ۾ صدر، نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي عهدن جو ذڪر هجي ۽ کين قانوني طرح اختيار مليل هجن. پي ڊي ايم ته هڪ وقتي غير رجسٽرڊ اتحاد آهي جنهن ۾ هر پارٽي جو الڳ الڳ منشور آهي. هن اتحاد ۾ سڀ برابر جا شريڪ آهن ۽ ڪنهن کي به ڪنهن تي برتري ناهي. هي اتحاد مختلف خيالن جي باوجود رڳو هڪڙي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جڙيل هو. ان هڪ مقصد کانسواءِ باقي سندن هدف الڳ الڳ هئا. اهو ئي سبب آهي جو ضمني چونڊن مان ڏهه سيٽون پي ڊي ايم حاصل ڪيون ۽ تحريڪ انصاف کي بري شڪست ملي. مولانا فضل الرحمان جو اهو چوڻ ته سڀ پارٽيون استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ راضي هيون ته پيپلزپارٽي کي به انهن سان قدم ۾ قدم ملائڻ گهرجي ها پر اهو دليل غلط آهي. پيپلزپارٽي شروع کان ئي استعيفائن جي خلاف هئي ۽ استعيفائن ۾ نقصان به رڳو پيپلزپارٽي جو ٿيڻو هو. ٻين پارٽين کي ته ڪجهه نقصان نه هو. اهڙي نازڪ وقت تي نوابزاده نصر الله خان جي سياسي بصيرت جي ضرورت هئي. مولانا فضل الرحمان ۽ نواز ليگ پيپلزپارٽي کان علحدگي ڪري پي ڊي ايم کي ڪمزور ڪيو آهي نه هاڻي پي ڊي ايم استعيفا ڏئي سگهي ٿي ته نه وري عمران خان جي حڪومت کي لوڏي سگهي ٿي.
هاڻي رڳو تقريرون ۽ بيان بزي ڪري سگهي ٿي باقي جنهن لاءِ پي ڊي ايم ٺهي هئي ان مقصد ماڻڻ کان محروم ۽ مايوس ٿي وقت ڪاٽي رهي آهي. پيپلزپارٽي جو ايئن چوڻ مناسب ٿيندو ته “اڪيلي ڦر رهي هو يوسف، بي ڪاروان هو ڪر” مولانا فضل الرحمان صاحب پي ڊي ايم کي قائم رکڻ ۽ ان کي منزل، مقصد تي پهچائي پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي. شهباز شريف به متحده اپوزيشن ٺاهڻ ۾ سنجيده ناهي. ڇو ته سندس پارٽي ۾ محترمه مريم نواز، شاهد خاقان عباسي وارا لولي لنگڙي پي ڊي ايم ۾ پهرين پوزيشن تي ڪنهن کي به شريڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن انڪري عمران خان جي حڪومت اپوزيشن جي خطرن کان نڪري چڪي آهي. عمران خان جي حڪومت کي ڪنهن ٻئي ڌر وٽان خطرو ناهي. هن کي خطرو رڳو پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي مان آهي جيڪا ڪيترن ئي بحرانن باوجود ڪجهه مافيا سان منسوب وزيرن، مشيرن ۽ معاونن جي مدد سان گڏ اقتدار ڌڻين جي آڌرڀاءُ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب آهي ۽ اڃان زنده آهي.