اعليٰ تعليم مهانگي نه سستي ڪريو

0
429
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هن دنيا ۾ رهندڙ ڪو اهڙو فرد ۽ ڪا اهڙي حڪومت نه آهي جنهن کي تعليم جي اهميت جي خبر نه هجي. انسان پاڻ چاهي پڙهيل هجي يا نه پر کيس ان ڳالهه جي ڀلي ڀت خبر آهي ته علم انسان کي بهترين انسان بڻائيندو آهي جنهن سان نه رڳو انفرادي طور تي پر اجتماعي طور تي به فائدو ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن جي چارٽر ۾ تعليم جي حاصلات هر انسان جو بنيادي حق قرار ڏنو ويو آهي، ان سان گڏ حڪومتن کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو ويو آهي ته اهي عوام کي مفت تعليم فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائين. هر مذهب به تعليم جي اهميت کي اجاڳر ڪيو آهي. اسان جي ملڪ جي آئين ۾ به ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ ۽ اها حڪومت جي ذميواري هجڻ جي ضمانت ڏنل آهي. هاڻ ته سمورن صوبن خاص طور تي سنڌ ۾ انٽر تائين مفت تعليم فراهم ڪرڻ جي قانونسازي پڻ ٿيل آهي. ان سان گڏ ئي 18هين ترميم کانپوءِ اعليٰ تعليم لاءِ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن به قائم ڪئي وئي آهي، ۽ تعليم واري وزارت سان گڏ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي نالي سان به ڌار کاتو قائم ٿيل آهي. بجيٽن ۾ تعليم لاءِ ڌار ته اعليٰ تعليم لاءِ الڳ رقم رکي ويندي آهي. سنڌ ۾ سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي، تقريبن هر ضلعي ۾ يونيورسٽي يا ان جو ڪيمپس موجود آهي پر پوءِ به اعليٰ تعليم شاگردن جي پهچ کان پري آهي. اڄ به اعليٰ تعليم جي حاصلات لاءِ سنڌ جي شاگردن جي پهرين چونڊ ڄامشوري جي سنڌ يونيورسٽي هوندي آهي جتي پڙهندڙ شاگردن جو تعداد هزارن ۾ آهي. هن يونيورسٽي کي سرڪاري فنڊ به ملندا آهن تنهن هوندي به ادارو شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران انهن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي. تازو ئي سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا فيسن ۾ اضافو ڪيو آهي، مخلتف ڪلاسن ۾ فيسز ۾ 6 هزار کان 20 هزار رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ميرٽ جي في ۾ 6 هزار، سيلف فنانس جي فيس ۾ 15 هزار ۽ اسپيشل سيلف فنانس جي في ۾ 20 هزار تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ان اضافي تي شاگرد ۽ سندن والدين سراپا احتجاج آهن، ڄامشوري ۾ يونيورسٽي اندر ۽ لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، شاگردن ان في کي ظلم ۽ تعليم کسڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار چيو آهي ته في ۾ معمولي اضافو ڪيو ويو آهي جيڪو پراڻي بيچز جي فيسن کي نئين بيچ جي فيس جي برابر ڪيو آهي. ٻئي طرف پروفيسر عرفانه ملاح في ۾ اضافي جي حمايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ڪھڙي يونيورسٽي آھي جيڪا صرف 22 ھزار رپين ۾ سڄو سال پڙھائيندي ھجي سنڌ سرڪار جي امداد نه ملي ته في چاليھ ھزار ٿي سگهي ٿي شاگرد احتجاج ختم ڪري تعليم ڏي توجه ڏين. سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ظاهر ڪندي چيو ويو آهي ته سالياني فين ۾ ايتري واڌ ناجائز آهي، يونيورسٽي ٻيا اجايا خرچ گهٽائي. ڏيڍ سال کان يونيورسٽي بند آهي ته پوءِ خرچ ڇو وڌيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته شاگردن جو موقف درست آهي، هن ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري مصيبت غريبن تي ڪڙڪي آهي، مهانگائي جو شڪار به غريب ئي ٿيا آهن جيڪي ئي هن يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيا آهن ان ڪري يونيورسٽي انتظاميا پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ في ۾ گهٽتائي ڪري نه ته گهٽ ۾ گهٽ غريب شاگردن کي ته مڪمل ڇوٽ ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن.