اصغر شاهه نوجوانن کي ورغلائي پيو: الهڏنو ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ هو: مرتضيٰ وهاب

0
673
الهڏنو ڪراچي جي علائقي صدر ۾ٿيل ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ هو
مرتضيٰ وهاب ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي خرم

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي خرم دعويٰ ڪئي آهي ته ماڙيپور ۾ مارجي ويل الهڏنو ڪراچي جي علائقي صدر ۾ٿيل ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ هو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته الهڏنو تربيت يافتا ۽ آءِ اي ڊي ٺاهڻ جو ماهر هو، اصغر شاهه نوجوانن کي رياست خلاف ورغلائي رهيو آهي

ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي خرم ۽ سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پريس ڪانفرنس ۾ الهڏنو ۽ اصغر شاهه ۾ مبينا رابطي جي آڊيو جاري ڪئي

مرتضيٰ وهاب ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي چيو آهي ته الهڏنو ريلوي ٽريڪس تي ڌماڪن ۾ ملوث هو، صدر ۾ ڌماڪي لاءِ الهڏنو سائيڪل تي آيو هو، ڌماڪي بعد رڪشا ۾ چڙهي فرار ٿي ويو