لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي غريب آباد پاڙي ۾ رات دير سان چورن مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي جي اڳواڻ حافظ بخت حسين ميمڻ جي ڀاءُ ۽ پاپوليشن کاتي جي ملازم محمد نواز ميمڻ جي گهر جا تالا ٽوڙي سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل ورتا، ان حوالي سان گهر ڌڻي محمد نواز ميمڻ دانهيو ته چورن گهر جا تالا ٽوڙي  8 تولا سونا زيور، 12 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن،  هن چيو ته پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي. ٻي طرف وليد ٿاڻي جي پوليس موجب ته  تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.