باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي صحبت پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ سخي حمزه کوسو ۾ پورھيت ھزار خان بروھي، خدا بخش بروھي، رسول بخش بروھي، حضور بخش بروھي سميت 7 پورھيتن جي گھرن کي باهه لڳي وئي، نتيجي ۾ گھرن ۾ بيٺل  5 ٻڪريون، 3 رڍان،2 مينھون، ھڪ ڳئون ۽ گھرن ۾ پيل اناج ڪڻڪ، ساريون،  چانور، اٽو، بسترن سميت پورهيتن جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، ٻي طرف کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.