اشو آف دي ڊي … مهانگائي جي ٽينشن ۾ سگريٽ جون 2 ڦوڪون هڻندا هئاسين اهي به مهانگا ٿي ويا … سگريٽن لاءِ نه پر اٽي لاءِ اٿو: سوشل ميڊيا تي مهانگائي خلاف عوام جو ردعمل

0
266

سگريٽ مهانگا ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي دانهون شروع ٿي ويون، هڪ طرف سگريٽ مهانگا ٿيڻ خلاف پوسٽون شيئر ڪيون ويون ته ٻئي طرف وري سگريٽ مهانگا ٿيڻ جي حمايت ڪندي عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽائڻ لاءِ پوسٽون شيئر ڪيون ويون، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي پر عوام ٻاهر نٿو نڪري، حڪومت انٽرنيٽ تي به ٽيڪس لڳائي، سوشل ميڊيا جي استعمال تي ٽيڪس لڳو ته عوام به ٻاهر نڪرندو، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته سگريٽن لاءِ نه پر اٽي لاءِ اٿو، حڪومت اٽو سستو ڪري، ان حوالي سان غلام مصطفيٰ سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سگريٽن لاءِ نه اٽي لاءِ اٿو، اڄ ڀلاري رات به نه ڄاڻ ڪيترا مسڪين بکيا ستا هوندا. جنهن تي علي حيدر بلوچ لکيو ته ايئن ناهي، رزق جو زمو رب پاڪ جي ھٿ ۾ آهي مونکي پڪ يقين آهي پنهنجي رب تي ھو ڪنهن کي به خالي پيٽ نه سمهاريندو، سجاد احمد، سرفراز بلوچ، آفتاب بلوچ، ڪاشف خاصخيلي به ردعمل ڏنو، الفت حسين پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مان اڄ آخري دفعو گولڊ ليف جو پاڪيٽ پنجن سوَن ۾ وٺي آيو آهيان. وڌيڪ طاقت اسان ۾ به نه آهي. جنهن تي شبير ڪيريو لکيو ته مان سگريٽ پيئڻ شروع ڪيو ته شوقيه سوا رپئي سگريٽ وٺندا ھئاسين اڳتي ھلي پنجاھ رپئي پاڪيٽ ھو تڏھن کان پيئڻ شروع ڪيو ريٽ چڙھندو ويو سترنھن سئو ٽيھه رپيه ھول سيل ۾ ڏھ پاڪيٽن وارو ڏنڊو ڪافي عرصو ورتو اڳتي ھلي چوويھه سئو ويھه واري ريٽ کي به افورڊ ڪيو آخري پاڪيٽ جيڪو کيسي ۾ آ اھو ڏنڊو اٺاويھه سئو تي ورتل ھو….. پنج سئو وارو وٺبو ئي ڪونه توبھه ، يوسف ٻوهيو لکيو ته اڄڪلهه گولڊ ليف جي موالين جي حالت ان عاشق جھڙي آهي جيڪي عشق اهڙي محبوبه سان ڪندا آهن جنهن کي نه ته افورڊ ڪري ٿا سگهن ۽ نه ئي هٿ ٿا ڪڍي سگهن. شرجيل شر لکيو ته ڪڏهن سرمائيدارن جي ظلم خلاف به لکو، طاهر خان لکيو ته نسوار تي گذارو ڪريو، مٺا رٻاڙي لکيو ته پن جي ٻيڙي پيو، علي منصور لکيو ته ھاڻي ھڪ عدد ھُڪو خريد ڪيو، فدا حسين لغاري لکيو ته شام جو اڄ آخري ڇڪي الوداع ڪيوسين گولڊليف کي، شاهنواز مسافر لکيو ته چڱو ٿيو ڪنھن بھاني آڱرين تان ڏمر ٽريو، علي محمد مگسي لکيو ته وڏڦ ڦوٽا مصري ٿوريون ڪاريون مريون ڏڏر ڪري رکو طلب ٿئي ته کائو، 4 ڏينهن ۾ ڇوٽڪارو ملي ويندو، نسيم ڪنڀر لکيو ته سر پاڪيٽ ورتم پيسا ڏنم ته ڪئبين وارو کليو مون چيو ڇو چيائين ته پنج سئو روپيا آئون به کلي پيس سمجهيم ته مونسان مذاق ٿو ڪري پر جڏهن ڪئبين وارو سنجيده ٿيو ته راوي لکي ٿو چراغون م روشني نا رهي، منصور ابڙو لکيو ته آئون روز 5-6 سگريٽ پئيندو آهيان، ڪجهه ڏينهن اڳ ئي 25 پاڪيٽ وٺي رکيا هئا، پوءِ ڇڏڻا پوندا، ڪامريڊ بادل لکيو ته اسان سگريٽ ڇڏي ڏنا، ھاڻ ڪم گھڻو آھي، ساگر ڏهراج لکيو ته پاڻ سگريٽن مان ھٿ پٽيا، ڊاڪٽرن تي ٿورو ڪندي، پاڻ بس ڪئي. علي احمد نظاماڻي لکيو ته اوهانجي بيماري جو سبب به هاڻي سمجھ ۾ آيو آهي، وفا جمالي لکيو ته پاڻ به خيرن سان سوچيو آھي اڄ کان صفا گهٽ ڪري ڇڏبا، سجاد نديم خاصخيلي لکيو ته مون اڄ پنهنجي پئسن سان وٺي پيئڻ تان هٿ کڻي ڇڏيا آھن، آزاد انصاري، صدام حسين، الهڏنو چنا به راءِ جو اظهار ڪيو، عاشق نظاماڻي لکيو ته حڪمران سگريٽ تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس ايترو وڏو ۽ لاڳيتو پيا هڻن ڄڻ ملڪ جو قرض حڪمرانن نه پر موالين وٺي کاڌو هجي ..! جگجيت جئپال، واجد گاڏهي، حامد علي بلوچ، برڪت بلوچ، عبدالستار رند، زهرا نظاماڻي، سليم سومرو، عباس رند، شبير سومرو، منير احمد قاضي، حسين چنو به ردعمل ڏنو، مجاهد سومرو لکيو ته ان ڳالھ ۾ اسان ھن ملڪ جي حمايت ڪنداسين ـ ڀلي موالي ڪاوڙجن، شاهنواز سومرو، ديپڪ باغي، ظهير انصاري، عبدالخالق، فياض عزيز جمالي، عبدالڪريم، عامر چانگ، رفيق ڪلر، سرفراز علي ميمڻ، پيربخش بلوچ، گل حسن ابوپوٽو، سعيد هاليپوٽو، شفيق شاهاڻي، فياض دايو، غلام الله نظاماڻي، اطهر خاصخيلي، ارجمند ارباب، وفا وحيد ڀٽي، مصطفيٰ شر به ردعمل ڏنو. نديم جان مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سگريٽ ايئن مهانگا ڪيا اٿن ڄڻ ملڪي معيشت موالين تباھ ڪئي هجي، گولڊ ليف 220 کان 500 ڪيپسٽن 120 کان 250 روپيه پاڪيٽ. جنهن تي عبدالقادر اوڍو لکيو ته مري وياسين شل PDM وارن کي الله غرق ڪري، حڪيم محبت علي لکيو ته اڄ کانپوءِ مرغي ۽ سگريٽ پيئڻ کائڻ بند ڪريون ٿا، نديم ڪولاچي لکيو ته اسان سان هنن وڏو ظلم ڪيو آهي، سميع بلال لکيو ته اسان هن بيماري کي ڇڏي ڏنو آهي اوهان به ڇڏي ڏيو صحت سان گڏ ٻچن جو حق به خرچ ٿي ويندو، امر سنڌي لکيو ته شايد هنن جا ڏينهن پورا آهن، بهادر لاشاري لکيو ته هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، امين ڪلوڙ لکيو ته عام اطلاع، پنج منٽ موٽرسائيڪل گهرندڙ ۽ سگريٽ گهرندڙ هاڻي هوشياري پڪڙن، ماحول صفا گرم ٿي ويو آهي، خادم حسين ابڙو سگريٽ ڇڪڻ جا وقت بيان لکيو ته قوم به مشڪل فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي آهي، عاصم لڪياري لکيو ته مهانگي شيءِ ته زور ڏئي وٺبي، ايڊووڪيٽ وزير علي ڀيو، نسيم احمد ميمڻ، ياور علي سومرو، لال خان ڪٽو به ردعمل ڏنو. آصف نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته موالين جا رانڀاٽ، سگريٽ ڪيپسٽن 120وارو 240 ۽گولڊ ليف 250 وارو 500 ٿي ويا،ڄڻ پاڪستان جو قرض ئي موالين کنيو ھُيو،  جنهن تي ايم رمضان ٻوسڻ لکيو ته حڪمران کائن پاڻ ٿا ۽ قرض لاهي وري عوام ٿو، گل سميجو تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هاڻ صورتحال ڪجهه هن ريت آهي، حڪومت واپارين کي ڦاهي ڏئي ٿي، واپاري وري عوام کي ڦاهي ڏين ٿا، جنهن تي قربان علي، جليل اختر، ايوب سميجو، غلام قادر سميجو به ردعمل ڏنو. ابراهيم گل عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڳي مهانگائي جي ٽينشن ۾ عوام سگريٽ جون 2 ڦوڪون هڻندو هو هاڻي هنن ته سگريٽ به مهانگا ڪري ڇڏيا، مير محمد ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪئي ته سگريٽ ڪيپسٽن 120 وارو 240 ۽ گولڊ ليف 250 وارو 500 ٿي ويا،جھڙو ملڪ جو قرض ئي موالين کنيو ھُجي.. جعفر علي دايو پوسٽ شيئر ڪئي ته سِگريٽ مهانگا ٿِيا آهن!سنگت کي اڄ خبر پَئِي آهي ته واقعي پاڪستان ۾ مهانگائي آهي، اي حڪيم بجير پوسٽ شيئر ڪئي ته اسان حڪومت پاران سگريٽ مهانگا ڪرڻ واري عمل جي حمايت ۽ کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي جي مذمت ڪيون ٿا، ڪاشف حسين ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪئي ته ملڪ ۾ هيتري مهانگائي ٿي ڪير به دانهن ڪرڻ لاء تيار نه هو رڳو سگريٽ مهانگا ٿيا ته ڪلھه کان پوء فيس بوڪ تي رڙيون ڪوڪون اچن پيون اڃا بيهو هاڻ انٽرنيٽ بند ٿيندو، طارق اعظم پوسٽ شيئر ڪئي ته اسان حڪومت پاران سگريٽ مهانگا ڪرڻ واري عمل جي حمايت ۽ کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي جي مذمت ڪيون ٿا، رجب جان لاشاري، سجاد سيال، عبدالقيوم مهر، شڪيل احمد، وسيم ڪلهوڙو، سجاد ٿهيم به پوسٽ شيئر ڪئي، چيو ويو ته مهانگائي جي ٽينشن ۾ عوام سگريٽ جون 2 ڦوڪون هڻندو هو هاڻي هنن ته سگريٽ به مهانگا ڪري ڇڏيا.