قاتل بڻجي ويل بجلي جو ترسيلي نظام

0
130
مهانگائي ۽ غربت زندگين جو خراج وٺڻ لڳي آهي

بجلي جي فراهمي ۽ ترسيل حڪومت جو فرض ۽ ان جو استعمال ۽ ان مان فائدو کڻڻ عوام جو حق آهي. جديد دنيا جي تشريح ۾ ته هاڻ بجلي جي فراهمي بنيادي انساني حق بڻجي ويو آهي. پر جيڪڏهن اهو ئي حق عوام جون حياتيون کسڻ لڳي سو به انتظاميا جي بيحسي ۽ حڪومت جي لاپرواهي جي ڪري ته پوءِ اهڙي لاپرواهي کي قتل جو منصوبو ۽ واقعي ۾ ويندڙ حياتين کي قتل نه سڏجي ته ڇا سڏجي؟ ڪو اهڙو ڏينهن نه هوندو آهي جو سنڌ ۾ اهڙا واقعا رپورٽ نه ٿيندا هجن ته بجلي جي ڪريل تارن مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري يا انهن تارن ۾ وچڙي ماڻهو حياتيون وڃائي ويهن ٿا يا وري ڪي ماڻهو پنهنجي عضون کان محروم ٿي باقي سڄي زندگي مجبور تي گذاريندا آهن. رڳو ڪالهه واري پنهنجي اخبار ۾ ئي اهڙا ٻه واقعا رپورٽ ٿيل آهن جن ۾ ٻه بارڙيون هڪ نوجوان فوت ٿي ويا آهن ۽ 3 سخت زخمي ٿيا آهن. اهو پهريون واقعو مورو ويجھو ڳوٺ محمد بخش لغاري ٽموڙ ۾ پيش آيو جتي راند ڪندڙ معصوم ٻارڙا بجلي جي جهڪيل تار ۾ وچڙي پيا، جنھن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگري جانان ڌيءُ زاھد سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏھن ته 8 سالن جي عليزا ڌيءُ علي غلام اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙا ايان علي ۽ ناياب ڌيءُ اياز سولنگي سڙي زخمي ٿي پيا. وارثن جو چوڻ ھو ته ٻارڙن گھر ۾ راند پئي ڪئي، جنھن دوران ڀت تي ھڪ نينگري چڙھي جيڪا بجلي جي کليل تار ۾ ڦاسي پئي، جنهن پٺيان ٻيا ٻارڙا به ويا جيڪي پڻ ڦاسي پيا ۽ کين ڪرنٽ لڳو، فوتي ٻارڙن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻيو واقعو سيوھڻ ويجهو اڙل هيڊ واھ جي بند تي پيش آيو جتي ريلوي ٽريڪ وٽ  15 سالن جو نينگر بجلي جي ھيٺ ڪريل 11 هزار وولٽ تار ۾ ڦاسي سڙي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي لاء سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوتي نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي ، فوتي جو لاش سيوھڻ انسٽيٽيوٽ جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي.

ان باري ۾ هڪ حقيقت اها آهي ته اسان جي سنڌ ۾ جيڪو بجلي جو سسٽم آهي اهو ڪيترائي ڏهاڪا پراڻو آهي. هڪ ڀيرو جيئن ئي ٽرانسميشن لائنون لڳي ويون آهن ته وري ان جي مرمت نه ٿي آهي. اهي تارون هيٺ جهڪي ويون آهن. بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا آهن ۽ ڪيترين ئي جاين تي بجلي جون تارون ٿنڀن بدران ڪاٺين ۽ وڻن تي لڳل آهن. عوام ڪيترائي ڀيرا بجلي ڪمپنين کي ۽ حڪومتن کي دانهون ڏنيون آهن ته تارون حياتيون کسي سگهن ٿيون پر انهن شڪايتن جو ڪو به ازالو نه ٿيو آهي. حڪومتن ۽ انتظامي عملدارن جي ان بيحسي جي ڪري حياتيون کسجي رهيون آهن. ميڊيا ته ان باري ۾ آواز اٿاري رهي آهي پر انهن خبرن جو نوٽيس وٺڻ وارو ڪو به نه آهي. اسان جي حڪومت، واپڊا، حيسڪو، سيپڪو، ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين بجلي ڪمپنين کي گذارش آهي ته جيڪڏهن توهان بجلي فراهم ڪري رهيا آهيو ته ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ بجلي جي تارن کي به آبادين کان خاص طور تي 11 هزار ۽ ٻي هاءِ ٽينشن لائنن کي آبادي کان تمام گهڻو پري رکو ته جيئن ماڻهو ۽ جاندار بچي سگهن. عوام کي به گذارش آهي ته پنهنجي گهرن جي تارن کي به چڪاسيندا رهن. ٻارن کي بجلي جي تارن کان پري رهڻ جي تربيت به فراهم ڪن ته جيئن هو بهتر زندگي گذاري سگهن.