عورتون ظالم به ٿين ٿيون ته قاتل به!

 

قديم تاريخ ھجي يا وقت، ڪجهه عورتون ڪجهه مردن کان گهٽ خطرناڪ نه آھن ۽ سڄي دنيا ۾ پهريون قتل به “عورت” جي ڪري ٿيو ھو، ڀاءُ، ڀاءُ کي قتل ڪيو، جلد ڪتاب به ڇپجي رھيا آھن “تاريخ جون بدنام عورتون” پر ليکڪ جو نالو ذھن ۾ ياد نه پيو اچي، ڪجهه ڏينهن اڳ ميان جامي انڍڙ جو قتل ٿيو، جيڪو پنهنجي مائٽ ۽ دوست ڪيو، سندس قتل ڪرائيندڙ زال نڪتي پر نوجوان ميان جامي انڍڙ جي شهادت سڀني جي دلين کي ٽوڙي ڇڏيو آھي، ميان جامي انڍڙ جي شادي کي 10 مهينا ٿيا ھئا، چيو وڃي ٿو ته ميان جامي انڍڙ پسند جي شادي ڪئي ھئي، وڏڙن چيو آھي ته گهر به عورت آباد ڪندي آھي، برباد به عورت ڪندي آهي ۽ اھا عورت ھوندي آھي جنهن جي ڪري گهر ۾ ڀائر جدا، پيءُ ماءُ جدا ٿي ويندا آهن ۽ گهر اجڙي ويندا آھن. ھڪڙي عورت ھئي جنهن جو توھان کي داستان خبر ھجي، ھڪ عورت ھئي جيڪا غريب خاندان ۾ پيدا ٿي، جيڪا وڏي سهڻي ھئي، نقاب سان ته ھوءَ اڃا وڌيڪ سهڻي لڳندي ھئي، سندس ڀيڻ ڀاءُ ھئا، ٻنهي کي ماءُ پاليو، انهن جو والد وفات ڪري ويو ھو، جيڪا عورت ھئي ھن پنهنجي پاڙيسرين کان وٺي امير ترين ماڻهن کي پنهنجي حسن تي ڦرڻ لٽڻ لڳي، ان عورت ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ھڪڙي ڪلاٿ مال ھائوس وئي، ھن ڪلاٿ ھائوس جي مالڪ جي ننڍي ڀاءُ کي پنهنجي چال ۾ جڪڙي ورتو، هو صرف ٻه ڀائر ھئا. ڪجهه ڏينهن ۾ عورت کي خبر پئي ته ھن جو وڏو ڀاءُ به آھي ھر شيءِ ھن جي ھٿ ۾ آھي، اصل مالڪ اھو آھي، پوءِ روزانون ان ڏانهن ويندي ھئي، ڪلاٿ ھائوس جو مالڪ ان جي حسن ۾ گرفتار ٿي ويو، دوستي ٿي وئي، ھڪڙي ڏينهن اھا عورت نڪتي ته ھن جو پيڇو ڪيو ته ڏٺائين ھڪ وڏي ڪلاٿ مال ھائوس ڏانهن وڃي رهي هئي، جنهن آفيس ۾ عورت وئي ان آفيس ۾ عورت جو ڀاءُ ويو، امير انسان کي ايترو غلط ڳالهايو، ھن پنهنجي والد ۽ والدہ کي ٻڌائي اتي نڪاح ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ھن جو ڀاءُ اسلام آباد ڏانهن واپس آيو ته ڏٺائين ھي ته منهنجي محبت آھي، ھن منهنجي ڀاءُ سان شادي ڪئي آھي. ھن عورت کي ٻار پيٽ ۾ يو، ھن کي نياڻي پيدا ٿي پوءِ ننڍي ڀاءُ، وڏي ڀاءُ کي پنهنجو داستان ٻڌايو پوءِ ھو پنهنجي ڀاءُ سان وڙھيو ۽ پنهنجي زال کي طلاق ڏني. ھن عورت ھن جي ڀاءُ سان شادي ڪري ڇڏي، پوءِ ان صدمي ۾ ھن جو والد ۽ والده ۽ ڇوڪري جي والده به فوت ٿي وئي. ڀاءُ ڀاءُ کان جدا ٿي ويو، پوءِ اھا عورت آهستي آھستي امير ٿيندي وئي پوءِ اميريءَ جو فائندو وٺي جن کي ھن عورت ڦرلٽ ڪئي انهن کي ختم ڪرائيندي وئي.

 

شيراز تنيو/نصيرآباد

 

شب معراج جي ڀلاري رات!

 

معراج مصطفىﷺٻنهي جھانن جا سردار اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جن جو انساني تاريخ جو واحد مثالي عظيم ۽ عالشان معجزو پڻ آھي، رب تعاليٰ پنهنجي محبوب کي رجب المرجب جي 27 تاريخ تي سومر جي رات سنهه 12 ھجري نبوت ۾ گھرايو، رب تعاليٰ حبيب ڪريمﷺ جن جي معراج جو ذڪر قرآن مجيد ۾ ٽن جاين تي فرمايو آھي، ھن رات جو شان تمام وڏو آھي. هن ڀلاري رات تي عالم اسلام جا مسلمان نفل ادا ڪندا آهن، پنهنجي ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ دعائون گهرندا آهن. قبرستان وڃي پنهنجي وڇڙيل وارثن جي قبرن جي زيارت ڪري اُنھن جي معافي لاءِ رب پاڪ جي درٻار ۾ دعائون گهرندا آهن ۽ اُن سان گڏ هڪ ٻئي کان معافيون پڻ گھرندا آهن، هن رات کي مغفرت جي رات ۽ رحمت جي رات به چيو ويندو آهي.

 

ثقلين حيدر/ رتوديرو