اشو آف دي ڊي حڪومت ۽ اپوزيشن جي فائرنگ ۾ واٽهڙو مارجي ويو: عثمان بوزدار جي استعيفا بعد دلچسپ تبصرا

0
226
اشو آف دي ڊي حڪومت ۽ اپوزيشن جي فائرنگ ۾ واٽهڙو مارجي ويو: عثمان بوزدار جي استعيفا بعد دلچسپ تبصرا

  وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار جي استعيفا کانپوءِ سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا، چيو ويو ته وڙهن سان لتاڙجن ٻوڙا، هو آيو ۽ خاموشي سان هليو به ويو، اهو هو عمران خان جو ٽرمپ ڪارڊ؟ موجوده سياسي صورتحال بابت به پوسٽون شيئر ڪري بحث ڪيو ويو، عثمان بوزدار، وسيم اڪرم پلس ٽاپ ٽرينڊ رهيا، عمران خان، عدم اعتماد عالمي سازش، پرويز الاهي به ٽاپ ٽرينڊز ۾ شامل رهيا.  ان سلسلي ۾ استاد خالد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي فائرنگ جي نتيجي ۾ واٽهڙو مارجي ويو.جنهن تي حفيظ ڪنڀر لکيو ته عثمان نالي راهگير ڪٻاڙي جي دڪان تان جيئن ڪاٺ جي ڪرسي ڏيڻ لاءِ گهران نڪتو ته ڌرين جي فائرنگ جي ور چڙهي ويو، ايم ادريس لکيو ته وڏا مزا ورتائين چار سال سي ايم شپ، ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هوندس، شير چانڊيو لکيو ته ڏاڍو افسوس ٿيو ويچاري کي بيگناهه مارائي ڇڏين، ايم ڪاشف سيال لکيو ته ڀري ٻيڙي ۾ ويچارو عثمان بوزدار ڳرو هو، قربدار قادر چانڊيو لکيو ته واٽهڙو مارجڻ جي مذمت ڪجي ٿي، علي اصغر لکيو ته اهڙا واٽهڙو گهڻا مرندا پنهنجي نمبر جي انتظار ۾ آهن، جهانگير سيال لکيو ته حڪومت وڏو ظلم ڪيو آهي، محمد ذڪريا ڀٽو لکيو ته درويش ماريو اٿن،

لياقت ابڙو لکيو ته وڙهن سان لتاڙجن ٻوڙا، رياض خان جتوئي، ثنا ايس جکڙ، رياض سيد، حسين چنو ۽ علي گل کهڙو به راءِ جو اظهار ڪيو، زبير سومرو لکيو ته يوسي ناظم جي لائق نه هو وزيراعليٰ بڻجي ويو اهو به چار سال رهيو، منظور حسين وڳڻ لکيو ته گمنام ماڻهو کي کڻي آيا وري گمنام ٿي ويندا، بس ڳالهه ساڳئي آهي، تعجب جي ضرورت ناهي، عمران فاني لکيو ته خبر ناهي ويچاري ناشتو ڪيو به هوندو الائي نه. مرتضيٰ ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڀني اڳواڻن سڀني پارٽي وارن عمران خان کي بليڪ ميل ڪيو پر عثمان بوزدار وفا ڪئي، شبير پياڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان پنهنجي وسيم اڪرم کي ڪڍي ڇڏيو. وسيم اڪرم ئي هن کي ورلڊ ڪپ کٽرايو هو. بوزدار کي هٽائي ڪپتان ميچ فڪسنگ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جنهن تي علي آڪاش لکيو ته لالي کي نيٺ ڪپتان مان سياستدان بڻايائون، امان نظاماڻي لکيو ته ساڳئي چوڌري کي زرداري ۽ شهباز به وزيراعليٰ بڻائي رهيا هئا پر اهو ڪم عمران خان ڪيو، محبت ۽ جنگ ۾ سڀ جائز هوندو آهي، عمير نظاماڻي لکيو ته سياست سکي پيو،

فضل ابڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لڳي ٿو ته عالمي سازش عثمان بوزدار لاءِ ٿي هئي، بشريٰ ارشاد، مصطفيٰ عابد، پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بوزدار کي سدائين ياد رکيو ويندو، سيمل هاشماڻي پوسٽ شيئر ڪئي ته بوزدار کي هٽائڻ تي عالمي ردعمل آيو آهي، اسريٰ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بوزدار تياري ڪري ورتي آهي بائيڊن هاڻي بچي ڏيکاري، همت مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم عمران خان جا جيڪي به باقي ڏينهن آهن اهي هاڻي سياست فقط خط تي ڪندو، عبدالواسع چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نه جهاز آهي نه ترين آهي حالت بدترين آهي، مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏسو ته تاريخ پنھنجو پاڻ کي ڪيئن ته ورجائي ٿي، چار سال اڳ ان ئي عمران خان ملڪي ۽ ٻاهرين اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي نوازشريف جا تڏا ويڙھايا ۽ اڄ وري سندس تڏا پيا ويڙھجن، جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي.جنهن تي فيض مالهي لکيو ته بلڪل مان به ائين ٿو چوان، شيخ شبير لکيو ته ڪجهه نه ٿيندس، اسلم پرويز لکيو ته عمران خان جي تقرير کانپوءِ قصو اونڌو پيو لڳي، فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڀني کان وڌيڪ بارگيننگ پوزيشن ۾ هوندي چوڌري وقت تي فيصلو نه ڪري سگهيا، قمر عباس وساڻ لکيو ته خان پاران روائيتي سياستدانن کي انھن جي زبان مطابق جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اتحادي جماعتن جي سڀني مطالبن کي مڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي علي گهرام ابڙو لکيو ته صحيح آهي پاڪستان ۾ سياست ائين ئي ٿيندي آهي جھڙو ديس تھڙو ويس.