ترين گروپ پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو

0
125
ترين گروپ پاليسي کي
ترين گروپ پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو

ڪراچي (م ڊ) ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي حتمي فيصلو ڪرڻ لاءِ ترين گروپ جو باضابطه مشاورتي اجلاس سڀاڻي لاهور ۾ طلب ڪيو ويو آهي

ترجمان ترين گروپ عون چوڌري جو چوڻ آهي ته موجوده سياسي صورتحال تي غير رسمي مشاورت اڄ به جاري رهندي، جڏهن ته باضابطا اجلاس سڀاڻي شام 5 وڳي اسحاق خاڪواڻي جي رهائشگاهه تي ٿيندو

عون چوڌري چيو ته اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ۽ صوبائي وزيرن کي دعوت ڏني وئي آهي، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، ن ليگ ۽ چوڌري ڀائرن جي رابطن جو جائزو ورتو ويندو، پنجاب ۾ ڪنهن کي سپورٽ ڪرڻي آهي ان حوالي سان پاليسي جوڙي ويندي

ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي هم خيالڇينه  گروپ به اڄ مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جيڪو اڄ منجهند جو ٿيندو، ان ۾ چوڌري پرويز الاهي کي سپورٽ ڪرڻو آهي يا نه جي حوالي سان مشاورت ڪئي ويندي

ھي به پڙھندا

حڪومت پاران ڌمڪين واري خط ۾ نواز شريف ملوث قرار، چيف جسٽس کي ڏيکارڻ جو فيصلو