سوال/سروي عمران پاڻ بچائڻ لاءِ بوزدار کي قرباني جو ٻڪرو بڻائيندو: عوام جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي وئي

0
158
سوال/سروي عمران پاڻ بچائڻ لاءِ بوزدار کي قرباني جو ٻڪرو بڻائيندو: عوام جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي وئي

عوام جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي وئي، عمران خان کان اڳ عثمان بوزدار هليو ويو، ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي وزيراعليٰ پنجاب جي استعيفا کان اڳ عوام کان سوال ڪيو ويو ته اپوزيشن وزيراعظم عمران کانپوءِ وزيراعليٰ عثمان بزدار خلاف به بي اعتمادي رِٿ جمع ڪرائي ڇڏي، عمران ۽ بوزدار عهدا وڃائيندا يا بچي ويندا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عثمان بوزدار ويندو، عمران خان کيس قرباني جو ٻڪرو بڻائيندو، ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته عمران خان به نه بچندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ عثمان بوزدار ٿي سگهي ٿو پنهنجا عهدا وڃائيندا، گل حسن شر لکيو ته ھاڻي لڳي ٿو حڪومت جو ٽائيم پورو آھي چوڌري پرويز الاھي کي وزيراعليٰ ٿيڻ جو جنون سوار آھي بوزدار ته ويندو پر لڳي ٿو وزيراعظم به ويندو، عبدالغفور سروهي لکيو ته وزيراعظم عمران خان پارٽي ۽ اتحادي جماعت قاف ليگ جي اسرار تي بوزدار کي هٽائي سياسي بصيرت جو ثبوت ڏنو آهي.

محمد ايوب لکيو ته پنھنجي وقت جون ٻئي وڏيون ۽ ھڪٻئي جون ماضي مخالف رھندڙ پارٽيون ۽ٻيو خريد فروخت وارو سلسلو جيڪو شروع ٿيو آھي عمران خان ۽ان جي پارٽي خلاف انهي جي پويان ضرور ڪجھه آھي تحريڪ انصاف جي حڪومت اگر ختم به ٿي ويئي پوءِ ڪو فرق نه پوندو، مڪيش ڀوراڻي لکيو ته عثمان بوزدار مستعفي ٿي ويو هاڻ عمران خان به ويندو، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته الله ڪندو عمران خان کي ڪجهه نه ٿيندو، اپوزيشن وارا ناڪام ٿيندا، مير سڪندر سولنگي لکيو ته بوزدار ويندو ۽ عمران رھندو، الياس سمون لکيو ته پنجاب ۽ سنڌ سرڪار۾ ردوبدل ٿيندي باقي عمران خان وزيراعظم رھندو، خاموش خليل شر لکيو ته ٿي سگهي ٿو ته عثمان بوزدار هلي پئي، وزيراعظم جيڪڏھن ق ليگ کي وڏ وزارت ڏني ته وزير اعظم بچي سگهي ٿو، نه ته ٻي صورت ۾ گهر ڀيڙا ضرور ٿيندا، خادم رند لکيو ته تازي صورتحال مان ظاھر ٿئي ٿو ته عمران خان ۽ عثمان بوزدار پنھنجا عھدا بچائي نه سگهندا. سنتوش ڪمار لکيو ته عمران خان بوزدار جي قرباني ڏيندو ته پاڻ کي بچائي ويندو پر جيڪڏهن ائين نه ڪندو ته بچي نه سگهندو، ساگر علي رضا لکيو ته عمران خان ۽ عثمان بوزدار اگر عهدا وڃائي به ويٺا تڏهن به پاڪستان ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.

موهن لال لکيو ته بوزدار جي قرباني سان جيڪڏهن ق ليگ کي پنجاب ڏئي ڇڏيو ته پوءِ وزيراعظم بچي سگهي ٿو ٻي صورت ۾ مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه. ايوب بجير لکيو ته عمران ڪونه ويندو انشاالله، جنيد زرين جمالي لکيو ته لڳي ائين ٿو وڏي گيم هلي رهي آھي عثمان بوزدار ۽ عمران خان ٻئي ڄڻا عهدا وڃائيندا، گڙڌاري لال لکيو ته عثمان بوزدار ته صورتحال ڏسي پاڻ ئي استعيفا ڏئي ڇڏيندو ان ۾ ڪو شڪ ناهي باقي عمران خان جا هاڻ سڀ پتا ختم ٿي ويا آهن ڪيترا به زور لڳائي پنهنجو عهدو نه بچائي سگهندو، نياز ڪلوئي لکيو ته اپوزيشن وارا جيڪڏهن وزيراعظم کي ھٽائي ويا ته پو بوزدار ڪو مسئلو نه آهي اپوزيشن لاءِ، شيراز چانگ لکيو ته ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ ھوندو. يعقوب کوسو لکيو ته بوزدار قرباني جو ٻڪرو  ٻيو ڪو چارو به ناهي، لياقت نهڙي لکيو ته بوزدار قرباني ڏيندو باقي عمران کي لهر نه لوڏو، ظهير خان سومرو لکيو ته هنن جو بچڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي، راسومل لکيو ته پروريز ا لاهي کي پنجاب جي وڏ وزارت ملي ته عمران کي ڪو به هلائي نٿو سگهي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته اهي ٻئي گهر ويندا،

سيف علي پتافي لکيو ته عمران خان پنھنجي ڪرسي بچائڻ لاء عثمان بوزدار کي قربان ڪندو، ممتاز علي لاکو لکيو ته بوزدار ڇا پر هي سڀ ويندا، آسودومل لوهاڻو لکيو ته بوزدار ۽ عمران ٻئي گهر ويندا، اياز علي راهوجو لکيو ته عمران حڪومت بچائي سگهي ٿو اگر پيٽرول 100 رپيا ليٽر ڪري، باقي بوزدار جي وڃڻ سان حڪومت نٿو بچائي سگهي، رزاق اڪبر قمبراڻي لکيو ته ٻئي ناڪام ٿيندا، عبدالستار بلوچ لکيو ته لڳي ائين ٿو ته وڏي گيم هلي رهي آھي، عثمان بوزدار، ۽ عمران خان ٻئي ڄڻا عهدا وڃائيندا، ڊاڪٽر خليق زمان لکيو ته گيم اوور آهي، حميد گوزائي لکيو ته بوزادر هوئن به قرباني جو ٻڪرو بڻجي چڪو آھي رهي ڳالهه عمران جي ته ان جي به ٻيڙي فلحال ٻُڏندي نظر اچي پئي، وقت ۽ حالتن کي ڏسي پڪو ۽ پختو رايو نٿو ڏئي سگهجي هتي نه ٿيڻ وارو ڪم به ٿي وڃي ٿو ۽ ٿيڻ وارو ڪم به مشڪلاتن جي ور چڙھي ويندو آھي سو سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز وارو فارمولو هلي پيو،

الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته لڳي ائين ٿو هنن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن ڇو ته شاهزين بگٽي جو اپوزيشن ڏانهن اچڻ هنن جي وڃڻ جو اشارو آهي ٻي ڳالھه ته بوزدار مان چونڊيل ايم پي ايز اول ئي تنگ هئا جيڪي ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ هئا، فضل سبزوئي لکيو ته عثمان بوزدار جي جاءِ تي ق ليگ کي وڏ وزارت ڏئي عمران خان پاڻ کي بچائي ويندو وڌيڪ وقت اچڻ تي خبر پوندي، رضوان احمد منگي لکيو ته بوزدار کي قرباني جو ٻَڪرو ڪري پيش ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن ٿي سگهي ٿو عمران خان بوزدار کي استعيفا ڏياري پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري پر حالتون ڪنهن به طرف رخ ڪري سگهن ٿيون عمران خان پاڻ ئي قرباني جو ٻَڪرو نه ٿي پوي، وفا وزير علي پنهور لکيو ته لڳي ائين ٿو هنن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن.