اشو آف دي ڊي اخلاقيات ۽ قومي اسيمبلي:ايوان ۾ جهيڙو ۽ گارگند ڪندڙ ميمبرن مٿان تنقيد

0
200

قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن ۾ جهيڙي ۽ گارگند واري واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پارلياماني ميمبرن مٿان تنقيد شروع ٿي وئي، جهيڙي جون وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪندي دلچسپ، طنزيه ۽ تنقيد واريون پوسٽون شيئر ڪيون ويون، مراد سعيد مٿان ايوان ۾ اچڻ تي پابندي نه لڳائڻ واري عمل سوال اٿاريو ويو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اخلاقيات ۽ قومي اسيمبلي هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو. ان سلسلي ۾ شهباز شريف ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته اڄ پوري قوم پنهنجي ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو ته ڪيئن حڪومت ايوان ۾ غنڊاگردي ڪئي ۽ گاريون ڏنيون، قوم ڏسي ورتو ته عمران نيازي اخلاقي طور ڪهڙي قدر ڪريل ماڻهو آهي ڪهڙي طرح پي ٽي آءِ کي فسطائي ۽ گاريون ڏيندڙ جماعت ۾ تبديل ڪيو آهي، افسوس، عاصمه شيرازي لکيو ته شهباز شريف جي تقرير ٽئين ڏينهن ۾ داخل، شاهد آفريدي لکيو ته قومي اسيمبلي ۾ جيڪو طوفان برپا ڪيو ويو جيڪا ڪريل ٻولي ڳالهائي وئي اها ڏسي ڪري سڀني جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو آهي، اهي اسان جا حڪمران ۽ نمائندا آهن؟ اهي ته هڪٻئي سان تميز سان ڳالهائي به نٿا سگهن اسان جي نمائندگي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪهڙو ڪم ڪندا؟ هوش کان ڪم وٺن، دودو چانڊيو لکيو ته ميڊيا، پارليامينٽ ۾ غيبي قوتن جي پرچين تي ڀرتيون ٿينديون ته ادارن جي تقدس جو اهو ئي حشر ٿيندو جيڪو اسان ڏٺو، شمع جوڻيجو اسيمبلي ۾ گوڙ ڪندڙ ميمبرن خلاف ڪارروائي جو حڪمنامو شيئر ڪندي لکيو ته مراد سعيد کي معطل ڇو نه ڪيو ويو؟ علي گيلاني شيرين مزاري جي چور چور وارن نعرن جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته وفاقي وزير پارليامان جي تقدس کي نظر ۾ رکندي انساني حقن جو نعرو بلند ڪري رهي آهي، مراد سعيد جي ڪتاب هڻڻ واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته مراد سعيد 2 سئو ارب منهن تي هڻي رهيو آهي. ريحام خان هنگامي واري وڊيو شيئر ڪئي جنهن تي لکيو ويو ته هي اسان آهيون، هي اسان جي پارليامينٽ آهي ۽ هتي اسان جي پاوري (قانونسازي) ٿي رهي آهي. سيد نياز غوث شفقت محمود ۽ زرتاج گل جي بجيٽ بڪ ڊيسڪ تي هڻڻ واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته شفقت محمود ۽ زرتاج گل وفاقي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو بجيٽ ڪاپيون ڊيسڪ تي هڻي هڻي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. کيئل داس ڪوهستان وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سمورا وزير عوام دشمن بجيٽ تي سراپا احتجاج آهن، حنا پرويز بٽ لکيو ته هي ڪهڙي طرح وفاقي وزير لڳن ٿا؟ منصور علي خان لکيو ته هي اسان جي پارليامينٽ آهي جتي قانونسازي ٿي رهي آهي. عبدالقادر پٽيل لکيو ته هنن کي ڪير ٻڌائي ته اوهان حڪومت ۾ آهيو.حامد مير لکيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن شوڪت ترين جي پيش ڪيل بجيٽ ۾ هوا ۾ اڏائڻ جو خوب مقابلو ڪيو مقابلي ۾ هڪٻئي کي گاريون به ڏنيون پر صاف نظر آيو ته ٻنهي پاسي ڪاوڙ بجيٽ دستاويزن تي هئي شوڪت ترين سوچي ته سندس ساٿي وزير بجيٽ دستاويزن کي هوا ۾ ڇو اڏائي رهيا آهن. اقرارالحسن لکيو ته گاريون ڏيندڙ يا اخلاق کان ڪريل ڳالهيون ڪندڙ شخص کي عام طور چيو ويندو آهي ته غيرپارلياماني گفتگو نه ڪريو پر اڄ ته گارين کي پارلياماني حيثيت ٿي وئي؟ اسان جا هي سياسي نمائندا ملڪ تبديل ڪندا؟ احمد بلال محبوب لکيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس تي هڪ ڏينهن جي ڪارروائي تي تقريبن اڍائي ڪروڙ يا 23 ملين رپيا خرچ ٿيندا آهن گذريل ڏينهن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ڪارروائي افسوسناڪ ته آهي ئي پر ان جو مالي نقصان هن ملڪ جي غريب عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو، غريده فاروقي لکيو ته پارليامينٽ ۾ اڄ ماءُ ڀيڻ جون ڪچيون گاريون ڏيڻ، جهيڙي جو ذميوار ڪير آهي؟ پي ٽي آءِ يا نواز ليگ؟ ناصر شاهه مراد سعيد جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته مراد سعيد قومي اسيمبلي جي منهن تي ٻه سئو ارب ڊالر هڻي رهيو آهي، هي وڊيو ڀوٽان اسيمبلي جي آهي جو ان جي داخلا تي پابندي ناهي لڳائي وئي؟ هي ڪهڙو انوکو لاڏلو آهي؟.عمر چيما جهيڙي واريون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته 22 سالن جي جدوجهد، منور سنڌي لکيو ته هنن کي عوام ووٽ ڏئي اسيمبلي ۾ موڪليو هو، قاضي آصف لکيو ته قومي اسيمبلي جي تاريخ ۾ حڪمران جماعت پاڻ ايوان جو اهو حال نه ڪيو هوندو، حزب اقتدار جي ذميواري هوندي آهي ته ايوان جو ماحول بهتر رهي پر هتي ته، علي خواجه لکيو ته ڏيو خبر سموسن واري جنگ وڏي هئي يا ڪتابن واري جنگ؟ ماريا ميمڻ ملڪه بخاري جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، اسپيڪر اسد قيصر ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن پاران غيرپارلياماني رويو ۽ گٿا لفظ استعمال ڪيا ويا اهڙو عمل قابل مذمت ۽ مايوس ڪندڙ آهي، واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي، غير پارلياماني ٻولي ڳالهائيندڙ ميمبرن کي ايوان ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي، سيد آغا رفيع الله حڪومتي ميمبرن جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هي وڊيو شايد قومي اسيمبلي جي ناهي، هنن جي داخلا تي پابندي ڇو نه لڳائي وئي؟ رانا جاويد به سوال اٿاريندي چيو ته مراد سعيد تي پابندي ڇو ناهي لڳائي وئي؟