سوال/سروي پيٽرول اگهن ۾ واڌ رد: مهانگائي جو طوفان ايندو: عوام

0
233

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پيٽرول 2 رپيا 13 پئسا ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پيٽرليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪريون ٿا، انهي سان مهانگائي جو طوفان ايندو، حڪومت کي تيل اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته حڪومت جي ان فيصلي سان عوام جي مٿان جبل ڪرندو تيل مهانگو ته هر شي مهانگي ٿيندي ماڻهو اڳ ئي پريشان آهن، اياز بلوچ لکيو ته حڪومت جو اھڙو فيصلو عوام دشمني جو واضح ثبوت آھي حڪومت تيل اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺي عوام کي رليف ڏئي، ممتاز علي سميجو لکيو ته عمران حڪومت غريب عوام کي رليف ڏيڻ بجائي ڏينهون ڏينهن مهنگائي جا بم ڪيرائي رهي آهي، جاويد احمد لکيو ته ڪٺ پتلي حڪومت آهي، ضمير ڪنڀر به سروي ۾ حصو ورتو، شهمير مهر لکيو ته مهانگائي سبب غريب ماڻهو عذاب ۾ آهي، عمر پنهور لکيو ته حڪومت پيٽرول مهانگو ڪري غلط ڪيو آهي، نماڻو نوناري لکيو ته حڪومت پيٽرول مهانگو ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان هر شيءِ مهانگي ٿيندي، اقبال انصاري لکيو ته بس گهٻرائڻو ناهي، ايم بي قادري لکيو ته حڪمت کي رليف ڏيڻ کپي، آصف منگي لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، منيش واسو لکيو ته غريب عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي، شاهد شر لکيو ته حڪومت عوام سان دوکو ڪيو آهي، بجيٽ ۾ اعلان ٿيو هيو پيٽرول سستو ٿيندو، نياز ڪلوئي لکيو ته ڏينهون ڏينهن مھانگائي وڌندي وڃي ٿي ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، غلام حسين لکيو ته هن حڪومت ۾ مسلسل پيٽروليم اگهن ۾ واڌ ٿيندي رهي آهي، عمران خان جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پورا ناهن ڪيا، علي مراد جوکيو لکيو ته غريب عوام کي تبديلي سرڪار رليف ڪڏهن به نه ڏيندي، بختيار علي کوسو لکيو ته فيصلو غلط آهي عوام اڳ ۾ ئي مهانگائي ۾ پيسجي رهيو آهي، آفتاب لغاري لکيو ته سرڪار جي ان قدم سان غريب عوام جي سورن ۾ اظافو ٿيندو، اھو فيصلو واپس ورتو وڃي، آسودمل لوهاڻو لکيو ته هنن حڪمرانن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو رڳو پيٽرول نه پر ضرورت جي هر شئي مهانگي ٿي ويندي، اختر علي مهر به سروي ۾ حصو ورتو، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته پئٽرول مهانگي ٿيڻ واري خبر، ڏسڻ، ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ جهڙا حواس ئي ختم ڪري ڇڏيا آهن. عبدالنبي شر لکيو ته وفاقي حڪومت سراسر غريب عوام سان ناانصافي ڪري رهي آھي، بشير ميراڻي لکيو ته پي ٽي آءِ سرڪار پاران اعلانيل پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ عوام تي مهانگائي جو بم حملو آهي، ان سان مهانگائي وڌندي. امتياز کوسو لکيو ته وفاقي حڪومت جو فيصلو انتهائي غلط آهي، قطب الدين ساوند به راءِ جو اظهار ڪيو، جمال الدين چنا لکيو ته عوام کي رليف نٿا ڏين، ابراهيم لکيو ته حڪومت غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته حڪومت جي اھڙي فيصلي غريب عوام جي روزمرھ جي زندگي تي تمام برو اثر پوندو، حنيف رضا بلوچ لکيو ته بجيٽ ۾ جيڪو عوام کي رليف بظاهر ڏيڻ لاءِ رڳو ڏيکاريو ويو آهي انهن تي عملدرآمد تمام مشڪل پيو لڳي، پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي، وحيد ڄامڙو لکيو ته موجوده حڪومت عوام کي مھانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي، اسد زرداري لکيو ته حڪومت عوام لاءِ ڪڏهن سوچيو آهي؟ حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ٻيون شيون به مهانگيون ٿينديون، ذيشان جسڪاڻي لکيو ته افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، اسدالله هنڱورجو لکيو ته عوام دشمن حڪومت آهي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته غريب عوام وٽ ٻن ويلن جي کائڻ لاءِ ماني ناهي، واجب علي جکراڻي لکيو ته اها حڪومتي نا اهلي آهي. امير علي به سروي ۾ حصو ورتو، موهن لال لکيو ته حڪومت پاران پيٽروليم ليوي ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي اڄ پيٽروليم اسم ۾ واڌ انهي جي ڪڙي آهي، مير ڀٽي لکيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران ويتر بار وجهي رهي آهي، سڪندر بلوچ لکيو ته عوام کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي، عارف حسين لکيو ته ڀاڙن ۾ واڌ ٿيندي، شاهدا ملاح، بخت گوپانگ، راجا مهر، يونس بلوچ، اسلم سومرو، عصمت الله رند، اقبال سميجو، مجيب الرحمان، عيدل ڪنڀر ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.