ڪراچي: سنڌ ۾ خانگي اسڪولن خلاف شڪايتن لاءِ ڊي جي پرائيوٽ اسڪول پاران شڪايتي سيل قائم

0
238
امتحانن ۾ رشوت عيوض مارڪن

ڪراچي: سنڌ ۾ خانگي اسڪولن خلاف شڪايتن لاءِ ڊي جي پرائيوٽ اسڪول پاران شڪايتي سيل قائم ڪيو ويو آھي، حڪم نامو جاري ڪيو ويو آھي، حڪم نامي ۾ چيو ويو آھي تھ خانگي اسڪولن پاران شاگردن جي يونيفارم. ڪتاب ۽ ٻيو گهربل سامان ڪنهن مخصوص هنڌ تان خريد ڪرائڻ بجاءِ شاگردن کي گهربل سامان جي فهرست سندن والدين حوالي ڪئي ويندي، خاص ڏھاڙا ملهائڻ سميت ٻين مدن ۾ شاگردن کان واڌو اوڳاڙي ڪندڙ اسڪولن خلاف ڪاروائي جو چتاءُ ڏنو ويو آھي، ڊي جي پرائيوٽ اسڪولز منصوب صديقي چيو آھي تھ رڳو منظور شده فيس جي معلومات اسڪول انتظاميا نوٽس بورڊ تي لڳائي، هدايت نامي تي عمل نه ڪندڙ خانگي اسڪولن خلاف شڪايتن لاء ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس ۾ شڪايتي سيل قائم ڪيو ويو آھي، شڪايتي سيل ۾ شاگردن جا والدين خانگي اسڪولن جي انتظاميا خلاف واڌو فيسن سميت ٻين معاملن جون شڪايتون ڪري سگهندا.