جڪارتا:(دلچسپ نيوز) پڙهڻ ۽ لکڻ جي ڪابه عمر ناهي هوندي ۽ انسان جيستائين دنيا ۾ موجود آهي کيس تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ان مثال کي ملائيشيا جي شهري سچ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.ملائيشيا سان تعلق رکندڙ 87 ساله پيرسن گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ نوجوان ان مان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. 87 ساله پيرسن شخص جي پوٽي پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڏاڏي جي ڪانووڪيشن جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ان جي ڏاڏي جي مٿي تي ٽوپي ۽ ڪوٽ پاتل هو. جنهن تي هن ڪيپشن لکيو آهي ته منهنجي ڏاڏي 87 سال جي عمر ۾ انگلش لينگويج ٽيچنگ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي.هن وڌيڪ لکيو آهي ته ڏاڏي پنهنجي ڪانووڪيشن ۾ شرڪت نٿي ڪرڻ چاهي پر سڀني ان تي زور ڀريو جنهن کان پوءِ هن پنهنجي ڊگري وٺڻ جي لاءِ ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪئي. ان جي پوٽي جو چوڻ آهي ته منهنجي ڏاڏي کي ڊگري جي ڪابه پرواهه نه هئي. کيس صرف پڙهائي سان تمام گهڻي محبت هئي اهوئي سبب آهي ته هن ايتري وڏي عمر ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي.سوشل ميڊيا تي پيرسن شخص جي پوٽي جي ٽوئٽ کي هينئر تائين 24 هزار کان وڌيڪ ماڻهن پسند ڪيو آهي. هر شخص سندس ڏاڏي جي تعريف ڪري رهيو آهي ۽ ان مان سخت متاثر ٿي رهيو آهي.