تاشقند (م ڊ) وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو، سمورا الزام رد ڪندي عمران خان چيو ته افغانستان صورتحال جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏيڻ شديد ناانصافي آهي. تاشقند ۾ سينٽرل ۽ ڏکڻ ايشيا جي علائقائي ملڪن وچ ۾ رابطا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغان صدر اشرف غني اسلام آباد تي الزام هنيو ته پاڪستان مان 10 هزار ويڙهاڪ افغانستان ۾ داخل ٿيا، جيڪڏهن ڳالهيون نه ٿيون ته اسان طالبان جو مقابلو ڪنداسين، هي امن لاءِ آخري موقعو آهي. اشرف غني جي الزامن تي وزيراعظم عمران رد عمل ڏيندي چيو ته پاڪستان تي اشرف غني پاران لڳايل الزام سراسر بي بنياد آهن. عمران خان چيو ته افغانستان صورتحال جو پاڪستان کي ذميوار قرار ڏيڻ شديد ناانصافي آهي، دنيا جو ڪوبه ملڪ افغان امن لاءِ جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ ڪوششون ڪري رهيو آهي ته اهو پاڪستان آهي. افغانستان ۾ امن لاءِ سڀ کان وڌيڪ پاڪستان قربانيون ڏنيون آهن. عمران خان چيو ته اسان جڏهن چئي رهيا هئاسين طالبان سان ڳالهيون ڪريو ته نه ڪيون ويون، هاڻ طالبان جڏهن فتح جي ويجهو آهن ته ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، طالبان کي افغانستان ۾ هاڻ جڏهن فتح نظر اچي رهي آهي ته هو هاڻ پاڪستان جي ڇو ٻڌندا؟ سوديبازي ڇو ڪندا؟ جڏهن افغانستان ۾ ڏيڍ لک نيٽو فوج موجود هئي ته ان وقت طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ گهرجي ها. عمران خان چيو ته خطي جي ملڪن جو هڪٻئي سان جڙڻ ۾ سڀ کان وڏو چيلنج ڪشمير آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت تڪرار حل ٿي ته سمورو خطو تبديل ٿي ويندو. ڪانفرنس کانپوءِ تاشقند ۾ ڀارتي صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته ڇا دهشتگردي ۽ ڳالهيون گڏ هلي سگهن ٿيون؟ جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ته ڀارت کي چئي رهيا آهيون ته اسان وڏي عرصي کان انتظار ڪري رهيا آهيون ته مهذب پاڙيسري ٿي رهون پر ڇا ڪريون آر ايس ايس جو نظريو راهه ۾ رنڊڪ آهي.

اسلام آباد: افغانستان جي نائب صدر امر الله صالح ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾ پاڪستان فضائيه جي حوالي سان پنهنجي گذريل ڏينهن واري بيان تي پاڪستان جي ردعمل کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ته 20 سال تائين ڪوئيٽا شوريٰ يا طالبان دهشتگرد اڳواڻن جي پنهنجي سرزمين تي موجودگي کانپوءِ به انڪار ڪندو رهيو آهي، افغان نائب صدر چيو ته جيڪي ماڻهو ان پيٽرن کان واقف آهن، افغان يا پرڏيهي، انهن کي مڪمل طور ڄاڻ آهي ته پاڪستان جو ترديدي بيان اڳواٽ لکيل پيراگراف آهي، جنهن کي رڳو شيئر ڪيو ويو آهي. افغان نائب صدر گذريل ڏينهن ٽوئيٽ ڪندي الزام لڳايو هو ته پاڪستان فضائيه افغان فوج ۽ افغان فضائيه کي سرڪاري طور تي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن طالبان کي افغان علائقي سپين بولدڪ مان بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو جواب پاڪستان فضائيه ڏيندي. سوشل ميڊيا تي ردعمل بعد افغان صدر چيو ته پاڪ فضائيه بابت منهنجي ٽوئيٽ تي جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته آئون ان کي ڊائريڪٽ ثبوت موڪلي سگهان ٿو، سپين بولدڪ کان 10 ڪلوميٽر پري افغان جهازن کي وارننگ ڏني وئي ته پوئتي هٽي وڃو يا ميزائل کي منهن ڏيو، افغانستان کي هاڻ ڳهي نه ٿو سگهجي. افغان نائب صدر جي اهڙي بيان تي پاڪستان جي پرڏيهي وزارت وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو ته سپين بولدڪ تي طالبان جي قبضي بعد افغان حڪومت پاڪستان کي آگاهه ڪيو هو ته هو چمن کان ملندڙ پنهنجي علائقي ۾ هڪ فضائي ڪارروائي ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان حڪومت افغان حڪومت جي پنهنجي علائقي ۾ ڪارروائي ڪرڻ جي حق ۾ مثبت ردعمل ڏنو، جيتوڻيڪ عالمي روايتن مطابق ايتري ويجهي بارڊر تي آپريشنز کي قبول نه ڪيو ويندو آهي، پاڪستان صرف پنهنجي حدن ۾ پنهنجي ماڻهن ۽ فوجين جي حفاظت لاءِ قدم کنيا هئا. پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته اسان افغان حڪومت جي پنهنجي خودمختيار علائقي اندر ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ جي حق کي تسليم ڪريون ٿا، جڏهن ته جيڪو افغان نائب صدر چيو ته اهڙو ڪجهه به پاڪ فضائيه افغان فضائيه کي ناهي چيو، اهڙا بيان افغانستان ۾ مسئلي جي حل لاءِ ٿيندڙ پاڪستاني ڪوششن کي نقصان پهچائيندا آهن. پرڏيهي کاتي وڌيڪ چيو ته پاڪستان تازو سمورن رينڪس جي 40 اي اين ڊي ايس ايف اهلڪارن کي بچايو آهي، جيڪي فرار ٿي پاڪستان آيا هئا، انهن کي عزت ۽ احترام سان گيورا واپس اماڻيو، گڏو گڏ اي اين ڊي ايس ايف کي لاجسٽيڪل مدد فراهم ڪرڻ جي به آڇ ڪئي هئي، اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، ان سلسلي ۾ دشمنن جي ڪوششن باوجود پنهنجي ڪوشش جاري رکي. هن چيو ته بدغس صوبائي مرڪز قلعه نوع ۾ افغان آرمي حملو ڪندڙ طالبان لاءِ ان جاءِ کي هڪ ڪل زون بڻائي ڇڏيو هو، اڄ طالبان برادري نمائندن جي مدد سان جنگبندي ڪرائي آهي ته جيئن هو پنهنجا لاش جمع ڪري سگهن.

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ رٿيل افغان امن ڪانفرنس ملتوي ڪئي وئي، پرڏيهي وزارت تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته افغان صدر جي درخواست تي ڪانفرنس ملتوي ڪئي وئي آهي، پرڏيهي وزارت موجب اسلام آباد ۾ 17 جولاءِ تي رٿيل ڪانفرنس عيد کانپوءِ ٿيندي، نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، اشرف غني تياري لاءِ وقت گهريو آهي.