اسلام آباد/واشنگٽن (بيورو رپورٽ+ م ڊ) افغانستان مسئلي تي پاڪستان ۽ آمريڪا سميت 4 ملڪي نئون اتحاد قائم ڪيو ويو آهي، افغانستان ۾ جمود جو شڪار امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ تعاون لاءِ آمريڪا، پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان تي ٻڌل 4 ملڪي نئون سفارتي اتحاد جوڙيو ويو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان زاهد حفيظ جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته افغان امن عمل ۽ 15 جولاءِ 2021ع کانپوءِ جي معاملن ۾ علائقي تعاون لاءِ آمريڪا، ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان جي اتحاد اعلان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته آمريڪا، ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان جي نمائندن اصولي طور تي اتفاق ڪيو آهي ته نئون چار ملڪي سفارتي پليٽ فارم جوڙيو ويو آهي، جيڪو علائقي رابطي ۾ اضافي تي ڌيان ڏيندو، پرڏيهي ترجمان ٻڌايو ته ڌريون سمجهن ٿيون ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام علائقائي رابطا ڪاري لاءِ اهم آهي ۽ امن، علائقا رابطي ۽ گڏيل طور ان کي لاڳو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، هن چيو ته بين القوامي واپار لاءِ روشن ٿيندڙ روٽس جي تاريخي موقعي کي تسليم ڪندي واپار ۾ واڌ، راهداري جي تعمير ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ تعاون ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا. هن چيو ته ڌرين گڏيل اتفاق راءِ سان هن اتحاد جو طريقيڪار طئي ڪرڻ لاءِ ايندڙ مهينن ۾ ملاقات تي به اتفاق ڪيو آهي، ٻئي طرف آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ به نئين اتحاد جي تصديق ڪندي چيو آهي ته آمريڪا، افغانستان، پاڪستان ۽ ازبڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۾ تعاون لاءِ نئون سفارتي پليٽ فارم جوڙيو آهي، هن پليٽ فارم تحت علائقائي واپار ۽ ڪاروبار وڌائڻ تي ڪم ڪيو ويندو.