اسلامڪوٽ ، سنڌ جو “نيويارڪ”… ومل سوني

0
32
اسلامڪوٽ ، سنڌ جو “نيويارڪ”... ومل سوني

 ٿرپارڪر ضلعي جو جيڪڏھن بهترين، صاف سُٿرو ۽ سُهڻو شھر آھي ته اُهو اسلامڪوٽ آھي. جنهن جو ڪريڊٽ نه صرف ٽائون جي عملي کي وڃي ٿو پر شهري دڪاندارن کي به وڃي ٿو جيڪي پنهنجي مقرر حد کان اڌ فوٽ به دڪانن کان ٻاھر نٿا اچن. شھر اسلامڪوٽ کي وڌيڪ خوبصورت ٺاھڻ ۾ جيڪا ٿوري ڪَمي هُئي سا سبزي ۽ فروٽ جي گاڏن ۽ ٻهراڙي مان ايندڙ گاڏين ڪئي آھي. ساراهه جوڳي ڳالهه اها آھي ته ٻهراڙي کان ايندڙ گاڏي ڊرائيورن کي سيٽ بيلٽ پاتل هوندو ۽ لائسنس ته هرهڪ وٽ اپڊيٽيڊ هوندو آھي. شهر ۾ ڪنهن به قسم جي منشيات نٿي هلي، اهو سراسر الزام آھي ته ويهه لک کان وڌيڪ جي سفينا ۽ ڏھه لک کان وڌيڪ جو شراب وڪرو ٿئي ٿو. لنڊن شهر ۾ جيئن حددخلي جو ڪانسيپٽ ناهي، شهر اسلامڪوٽ به لنڊن سان ڀيٽي سگهجي ٿو، مثال اوهان هاءِ اسڪول اسلامڪوٽ جي ٻاھر ويڪرو ۽ کُليل روڊ ڏسي سگهو ٿا. اسلامڪوٽ شھر ۾ جيڪڏھن ڪا ٿوري گهڻي  غفلت ٿئي ٿي اُن کي حل ڪرڻ ۾ شھر جا معزز اڳتي هوندا آھن، ثبوت غازي ڪلاٿ اسٽور تي وڪرو ٿيندڙ شالن ۽ لوئين جي بل مان ملندو. ماس ڪميونڪيشن جي ڊگري رکندڙ صحافي پنهنجا فرض باضمير ٿي ادا ڪندا آھن. ڪڏھن به سياسي ڌُر ناهن ٿيا، جيڪا ضمانت آھي شھر جي ترقي يافته هجڻ جي… اسان جي دعا آھي ته اسلامڪوٽ شهر  گُذريل ويهه سالن کان جيڪا ترقي ڪئي، ايندڙ وقت وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ پنهنجو نالو ٿرپارڪر جي خوبصورت ترين شهرن ۾ اول رکندو.

سو ڳالهه شروع ڪئي شال ۽ لوئي کان ۽ ختم ڪئي سين لنڊن تي.. دنيا ۾ ائين ڪٿي به ناهي جو شيون مقرر وقت کان اڳ ۾ شروع ٿين، اهو اسان جي سُهڻي شھر اسلامڪوٽ جا ڀاڳ آھن جو خميس جي ڏينهن لڳندڙ مال پِڙي اربع جي رات جو شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ ٽيڪس چوري، مال چوري ۽ جيب ڪاتروئن جي هجڻ جو سوال ئي پئدا نٿو ٿئي.. دعا ميڊيڪل اسٽور کان سائين عباللطيف ڪنڀر جي گهر پهچڻ تائين گٽر اُٿلڻ سبب حُڪومت ِ سنڌ ۽ ٽائون ڪاميٽي اسلامڪوٽ پاران  رستي تي ٻيڙيون هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.. هڪ رپورٽ موجب سي ايم سنڌ پاران روس مان ڇوڪرا گهُرائي اسلامڪوٽ جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيا ويندا ڇو ته پيلو، ڌُوڙيو، کاريو، مهلاڻو ۽ ساڪرويري کان ايندڙ شاگرد وقت تي اسڪول نٿا پهچي سگهن..

نگران وڏي وزير پاران هاءِ اسڪول جي وزٽ دوران اهو به ٻُڌايو ويو ته پوري دنيا ۾ اهڙو ڪو به اسڪول ناهي جنهن جي هڪ ڪلاس روم ۾ ڏيڍ سو ڇوڪرا داخل هجن، هڪ ڪلوميٽر جي ايراضي ۾ پکڙيل اسڪول تي هڪ صفائي وارو مقرر ڪيل هجي ۽  اسڪول جي احاطي اندر معزز دڪاندار ۽ گاڏي وارا پيشاب ڪندا هجن..

آئون اچرج ۾ آھيان ته ٿرڪول بلاڪ ون ۽ ٽُو ۾  جيڪو ڪاروبار ٿئي ٿو، شهر اسلامڪوٽ اُن ۾ اول آھي پوءِ  به جنهن وينڊر کان پُڇو چوي ٿو “لاهور واڙو پنجابي مهانجي ميس را پئسا کائي گيو”  لاهور وارو همراهه چوي ٿو ته سلامڪوٽ جا ماڻھو ڪاروبار نٿا ڪري سگهن، فروٽ ۾ چيڪو گهرايا ته پٽاٽن جي ٻوري موڪلي ٿا ڏين،رڳو اوڌر تي هٿ زور آھي، وري پنجابي ٻولي ۾ ڊائيلاگ هنئين ته ‘جنگ کھیڑ نہیں ہوندی زنانیاں دی’..

دوستن احبابن کي گُذارش آھي ته اسلامڪوٽ کي اڃا ترقي ڪيتري ڏياريندا.. ايتري گهڻي آهي، نه ته هاڻوڪي تحرير ۾ اسلامڪوٽ کي واشنگٽن سان ڀيٽبو.

اسلامڪوٽ، اسان فرض شناس ماڻهن جو شھر…اَسُر ويلي صفائي ڪندڙ عملو پنهنجو ڪم شروع ڪري ٿو تان جو صبح مهل 10 بجي تائين.. اسان جا پيارا دڪاندار اچي دڪان کوليندا ۽ پهرين کان چؤڻ جو ڪچرو دڪانن جي ٻاھر جمع ڪندا. سيٺ راجا مُکي جي دڪان جي ٻاھر بيٺو هئس، سورج جئپال جي فون آئي ته “خادم شاھه جي  اوطاق تي  اچ، ڪو ڪاغذي ڪم ڪرڻو آھي”..اهو هڪڙو جملو ڳالهائڻ ۾ هُن کي ڏيڍ منٽ لڳو ڇو ته پويان گاڏن وارا “لال ٽماٽا سو رپيا ڪِلو،  اچي ويو ننگر جو سائو بصر ۽ گاڏين جي هيوي-هارَن جي گهوڙا حشري لڳي پئي هُئي”

سبزي منڊي جي مخصوص جاءِ هوندي آھي، اسلامڪوٽ جو هر چؤڪ سبزي منڊي لڳو پيو آھي.. ٽائون عملو شهرين کي مقرر وقت تي گهُرج کان وڌيڪ پاڻي فراهم ڪري ٿو انهي ڪري اڌ کان وڌيڪ لائين جو پاڻي ٽُٽل پائيپ جي ڪري روڊن تي ضايع ٿيندي نظر ايندو..

شھر جي سول سوسائٽي جنهن رفتار سان شھر کي ترقي ڏياري پئي، اُن ۾ واڌ اچي ٻهراڙي جي چند ڊپلوميٽڪ ماڻهن ڪئي آھي جيڪي اسلامڪوٽ کي ايندڙ پنج سالن ۾ ذات، رنگ، نسل جي بنياد تي وڙھائي پَٽ ڪندا، ڇو ته ڏياري جون مِٺايون، ٿڌڙي جا لولا ۽ ٻاڪرو گوشت اسان جي مذھبي رواداري جي علامت آھن.

شهر ۾ پارڪ، تفريح ماڳ ايترا وڌي ويا آھن جو شھر جا ماڻھو شام مهل باءِ پاس روڊ جي فوٽ پاٿ تي ويٺل نظر ايندا، ٻه دفعا الهداد بجير ۽ رئيس پير بخش ڪنڀار ٽرالي هيٺ ايندي بچي ويا.

آر-ايڇ-سي اسلامڪوٽ سِنڌ جو مايا ناز ادارو آھي، جنهن اندر دوائون ايڪسپائير ٿيندي نظر اينديون پر مستحق مريضن کي نه ملنديون. سنڌ حڪومت کي گذارش آھي ته  ڊاڪٽرز جي پگهار وڌائي وڃي جيئن ڪاغذ اٽيسٽ ڪرائڻ جا ٽيهه رپيا وٺڻ کان پاسو ڪن.

بينظير واڙا پئسا آيا ساڍا اٺ هزار، پنچ سو اومني واڙي ڪٽيان تي، بوتل، چانهه، روٽي ۽ ڀاڙي رو خرچو ڪٽتي باقي بچيا 1100، هفتي ري ناسڪا رو ڊوز ليو، کيل ختم، پئسا هضم.

نگران وڏي وزير نقص ڪڍيا هاءِ اسڪول مان ۽ 447 ملين وري ڏنا آر-او کي فعال ڪرڻ لاءِ.. هي پوسٽ پڙھندي اسلامڪوٽ جا شھري سوچن پيا ته سونارو پيو رڙيون ڪري…. ٿيندو ڪجهه ڪونه !… (فيس بوڪ تان ورتل)