سنڌ ۾ پ پ جي نئين ٺھندڙ حڪومت ۾ عوام جون اميدون!

 

سنڌ صوبي ۾ گذريل پندرهن سالن کان پ پ جي حڪومت رھي آھي ۽ ھن وقت به سنڌ صوبي ۾ پ پ جي حڪومت ٺھندي ڇو ته اڪثريت سان کٽي ايندڙ پ پ جي نمائندن جي آھي. اسان جيڪڏهن سنڌ ۾ گذريل پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگي تي نظر وجھنداسين ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪم، روزگار، تعليم ۽ صحت جي اھم مسئلا رھيا. سنڌ ۾ گھڻين برساتن پوڻ سبب سنڌ جو عوام پريشان رھيو، گھرن کان بي گھر رھيو، ان سان گڏ گذريل پ پ جي دور ۾ سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪيو ويو، بحريا ٽائون ۽ سنڌ جي راڄڌاني شھر ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي خالي ڪرايو ويو. سنڌ جي ڪارونجھر جبل ۽ تيل، گئس نڪرڻ جي رائلٽي سنڌ جي ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪئي وڃي. سنڌ جي  اثاثن جي مالڪي به نئين ايندڙ حڪومت پ پ کي ڪرڻ گھرجي، ڇو ته پ پ سنڌي عوام جي مينڊيٽ تي کٽي آئي آھي. انھن جي ووٽ جو قدر ڪرڻ گھرجي. سنڌ اسمبلي ۾ جيڪي پ پ جا کٽي ايندڙ اميدوار آھن، انھن کي جنرل اليڪشن دوران جيڪي عوام سوال ڪيا ھئا انھن کٽي آيل اميدوارن کي اھي سوال پڇاڻا به ياد ھجڻ گھرجن. کٽي آيل اميدوار پنھنجي تڪ جي عوام جا مسئلن کي اوليتي بنيادن تي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪن ۽ ان گڏ اجتماعي سنڌ جي اھم مسئلن ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ، تعليم جي معيار کي بلند ڪ، صحت جي مسئلن کي حل ڪن، روزگار جا موقعا پيدا ڪن، سنڌ جي زمينن کي ڀڳڙن مٺ تي نه وڪڻن، تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ سنڌي ماڻھن کي روزگار ڏين، سنڌ مان افغانين کي مڪمل نيڪالي ڏني وڃي، سنڌ ۾ جيئن آزاديءَ کان اڳ فيڪٽرين جو ڄار وڇايو ويو ھو، فيڪٽريون ھيون، انھن فيڪٽرين کي يا ته فعال ڪيو وڃي يا ته سنڌ جي ھر ضلعي ۾ ٻه کان ٽي فيڪٽريون لڳايون وڃن ته جيئن لوڪل سطح تي ماڻھن کي روزگار ملي ۽ پيداوار به وڌي، شيون پيدا ٿينديون ته اھي لوڪل مارڪيٽ ۾ عوام کي بنا ٽئڪس جي سستيون به ملنديون. اھي شيون ٻاھر وڪرو ڪري ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو. زراعت اھم شعبو آھي، سنڌ حڪومت ھارين ۽ ننڍن آبادگارن کي بنا وياج قرض ڏئي ۽ ٻج ڀاڻ کي سستو ڪري ته جيئن ھارين کي زمينون زرخيز ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي. ھميشه سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت رھي آھي ۽ ھاڻ وري به عوام پ پ کي ئي ووٽ ڏنو آھي، سنڌ حڪومت کي ھي موقعو وري سنڌي عوام ڏنو آھي ته پنجن سالن  ڪم ڪرڻ گھرجي نه ته وري انھن اميدوارن کي عوام وٽ ئي موٽڻو آھي. اڄ ڪلھ ميڊيا جو دور آھي، ھن اليڪشن ۾ اليڪشن مھم دوران وائکو ڪيو ھو.

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

محمد حنيف صديقي سنڌ جو محقق ۽ دانشور!

 

سنڌ جي وشال سرزمين جنهن جي سُڃاڻپ علم ۽ ادب توڙي ان کي هٿي ڏيڻ رهي آهي، علم جو سو ڏيئو ڪڏهن وسامجي نه! تنهن لاءِ هن ڌرتيءَ جي پٽن جون اڻٿڪ محنتون ۽ ڪوششون جڏهن ڏسجن ٻڌجن ٿيون ته ان ڳالهه تي ڳڻتي ٿي ٿئي ته سنڌ جي علمي سجاڳي لاءِ ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ اسان ڪيترا متحرڪ آهيون؟ اسان نه ته ڪالهه جهڙي خدمت ٿا ڪريون نه ئي پنهنجي محسنن کي ياد ڪريون ٿا. محمد حنيف صديقي سنڌ جو اهو روشن دماغ هو جنهن قانون ۽ ادب جي گهڻي خدمت ڪئي، محمد حنيف صديقي 19 اپريل 1904ع تي شڪارپور ۾ محمد صالح صديقي جي گهر ۾ ڄائو. سندس خاندان شڪارپور ۾ دين، علم ۽ ادب جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور هو. ديني، علمي ۽ ادبي ماحول ۾ محمد حنيف صديقي نپيو ۽ چوڄ سان پليو. 24 مارچ 1911ع تي پرائمري تعليم جي حصول لاءِ ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 (موجوده جماڻي هال اسڪول) ۾ داخل ڪرايو ويس. 31 آڪٽوبر 1911ع تي ان اسڪول مان سندس نالو ورنيڪيولر اسڪول نمبر 1 ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي سندس چاچو سائين عبدالقادر هيڊ ماستر جا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو. 1915ع ۾ شڪارپور جي هوپفل اڪيڊمي ۾ داخل ڪرايو ويس، جتان 1920ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ بي. اي آنرز بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. ساڳئي يونيورسٽي مان ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري 1928ع کان لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. 1950ع ڌاري ميرپور خاص ۾ سيشن جج ۽ پوءِ شڪارپور ۾ ايڊيشنل سيشن جج جي عهدي تي رهيو. سنڌ سرڪار سندس خدمتن کي نظر ۾ رکي لا ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري ۽ پوءِ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جو سيڪريٽري پڻ رهيو. 1955ع ۾ اولهه پاڪستان جي لا ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري ٿي 1959ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ادب جي خدمت سان گڏ سياست ۾ به خاص دلچسپي ورتائين ۽ 1962ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر پڻ مقرر ٿيو  محمد حنيف صديقي جي ادبي خدمتن ڏانهن نگاهه ڪبي ته معلوم ٿيندو ته هو ننڍپڻ کان وٺي علمي، ادبي محفلن ۾ شوق سان شريڪ ٿيندو هو ۽ ماهوار سنڌو ۽ الوحيد جي صفحن تي سندس مضمون وغيره به ڇپيل نظر اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو محمد حنيف صديقي سنڌي ادب جي جهولي کي چئن ڪتابن سان ڀري ڏيکاريو. سندس ترجمو ڪيل چار  ڪتاب “جيمس برنس” جو ڪتاب “سنڌ جي درٻار”، رچرڊ برٽن جو ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“، هينري پاٽنجر جو ڪتاب ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“ ۽ سيٺ نائون مل جو ڪتاب ”يادگيريون“ سندس نفيس ترجمي جو بهترين نمونو آهن. پاڻ سنڌ جي تاريخ جو گهرو مطالعو ڪرڻ وارو انسان هو. سنڌ جو مشهور علمي ادبي ۽ تحقيقي ادارو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سندس مشوري سان قائم ٿيو، جڏهن ته ساڳئي اداري جي لائبريري محمد حنيف صديقي جي رهنمائي ۾ جڙي، سنڌ جي هن نامور محقق، بهترين مترجم ۽ علمي ادبي شخص 26 فيبروري 1967ع تي هي فاني جهان ڇڏيو.

 

حسيب ناياب منگي/ شڪارپور

 

ڪردار انسان کي امر رکي ٿو!

 

هونئن ته انسان مٽي جو ٺھيل آهي، مرڻ کان پوءِ خاڪ ٿي ويندو آهي پر ڪي انسان وري پنهنجي مثالي ڪردار جي ڪري ھن ڌرتي ساراھيا وڃن ٿا، اھڙن ئي مڻيادار انسانن مان ھڪ اوٻاوڙو جو سياسي سماجي شخصيت عبدالجبار سومرو به ھو، ھُو جيڪو ھميشه سچائي، وفاداري، بھادري ۽ ڏاھپ جا ڏس ڏيندو هو جيڪو ھميشه ھر جابر سان ٽڪر کائيندو ھو، ھُو ھميشه پنهنجي اصولن تحت زندگي گذاريندو ھو، جنهن ڪنهن به ڏيھ جي ڏاڍي جي غلامي ۽ سلامي پنهنجي مٿان غار سمجھي ڇڏي ھئي، جنھن جي ھر ڪچھري ۾ ڪا نه ڪا نصيحت ئي ملندي ھئي، ڪڏهن ڪڏهن ڇڙٻون به ڏئي وٺندو ھو، ڇاڪاڻ ته سچار ۽ اندر جو صاف انسان ئي ھميشه جذباتي ٿيندو آهي، جنهن ھميشه پنهنجو پاڻ کي لالچ ۽ خوف کان پري رکيو هجي، جنهن وٺ قربائتين ڪچھرين جا ميلا متل ھوندا ھئا، ڪچھري ۾ شريڪ اھل علم، اھل شعور ماڻهو ھوندا ھئس، ھاڻي ته اھي ٻٻرن ۽ بيد مشڪن جا وڻ به جدائي ۾ بيحال نظر ايندا آهن، جن جي گھاٽي ڇانوَ ھيٺيان محبتن جا ميلا متل ھوندا ھئا، جنهن ھميشه اسان جي ذھنن کي تعليم ۽ ترقي پسند سوچ طرف اسان جو ڌيان ڇڪرايو آهي تنھن جي ڪري انسان سميت ھر مخلوق تي موت ايندو آهي پر ڪردار ڪڏهن به ناھي مرندو، باڪردار ماڻھو تاريخ جو باب بڻجندا آهن، اسان سڀني کي گھرجي ته زندگي ۾ اھڙو ڪردار ٿي زندگي گذاريون جو پنهنجو مثال قائم ڪري وڃون، اھڙو مثال جيڪو مسڪين ماروئڙن جي ڀلائي ۾ ادا ٿيو ھجي، اھڙو ڪردار جيڪو وطن جي مٽي لاءِ سلامتي لاءِ ھجي.

 

صدام حسين سومرو/ اوٻاوڙو

 

پنجاب جي پهرين عورت وزيراعليٰ ۽ سنڌ جو وڏو وزير!

 

سنڌ ۾ پ پ  اميدوارن اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ سوڀ ماڻي ڏيکاري آهي جنهن لاءِ پ پ  ڇوٿون ڀيرو سنڌ ۾ حڪومتي وهنوار صوبي جو سنڀاليندي کيس وڏا چيلنج رهندا، چونڊ نتيجن کي قبول نه ڪندي جي ڊي اي طرفان احتجاج ۽ ڌرڻا جاري آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ ڇنڇر ڏهاڙي 162 ميمبرن حلف کنيو، مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو وزيراعليٰ مقرر ٿيو جنهن وڏ وزارت ماڻڻ ۾ هيٽرڪ ڪئي آهي، هوڏانهن پنجاب ۾ 193 ميمبرن جمعي ڏينهن حلف کڻي ورتو آهي، جتي نامزد وزيراعليٰ مريم نواز پڻ حلف کڻي ورتو، جيڪا پنجاب جي پهرين عورت وزيراعليٰ ٿيندي، کيس پنجاب جهڙي وڏي صوبي جي پهرين عورت وزيراعليٰ ٿيڻ تي مبارڪون هجن، گڏوگڏ مراد شاهه کي سنڌ جي وڏ وزارت ٽيون ڀيرو ماڻڻ تي مبارڪون هجن، پ پ ۽ ن ليگ جي معاهدن سان ظاهر ٿيو ته مرڪز ۾ هڪ مناسب اڪثريت رکڻ واري حڪومت بڻجڻ وڃي رهي آهي، پ پ هاڻ ان ٻيڙي جي سوار مسافر آهي جيڪا منزل تي پهچي يا ٻڏي! جيڪي ٻئي پارٽيون هر صورت ۾ گڏ ئي هونديون ۽ رهنديون ن ليگ لاءِ وڏا چيلنج آهن، هن وقت حڪومت هلائڻ سولو ناهي، گهڻا مسئلا آهن، وڏن معاشي چيلنجز سان گڏ چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڀوت به اڃا جلدي انهن جو پيڇو نه ڇڏيندو پ پ لاءِ بهتر اهو هوندو ته اها مرڪز ۽ پنجاب ۾ وزارتون وٺي ۽ اتي ڊليور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري بلاول ڀٽو به عوام سان وڏا واعدا ڪيا، جيڪي واعدا هو اليڪشن ڪمپين ۾ ڪندو رهيو پر هو وزيراعظم نه بڻجي سگهيو پر ان جي پارٽي هاڻي حڪومت جو حصو آهي پر اهائي ڳالهه آهي ته بلاول ڀٽو کي پنهنجي منشور ۽ ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ گهرجي، ان کي پنهنجي حڪومتي پارٽنر ن ليگ سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، سياسي قيدين حوالي سان نرمي ڪئي وڃي ۽ دٻاءَ به نه هجي ڇاڪاڻ ن ليگ کي عدم اعتماد جو ڪو خطرو ناهي، هن وقت مريم نواز لاءِ اصل مسئلو ان جي ناتجربيڪاري جو آهي، جنهن هن وقت تائين ڪنهن انتظامي عهدي تي ڪم ناهي ڪيو، بيورو ڪريسي کي ڊيل ڪرڻ ۽ وزارتن ۽ وزيرن واري گهيري کي سمجهڻ ۾ ان کي وقت لڳندو، تڏهن به مريم نواز کي پنهنجي تجربيڪار ليڊر والد نوازشريف جي حمايت رهنمائي ۽ سرپرستي حاصل آهي، جيڪا والد جي مشورن سان صوبي ۾ سٺا تجربيڪار ڪامورا لڳائي سگهندي، جنهن سبب صوبي جي بهتر خدمت ٿيندي پر ان جي ابتڙ سنڌ ۾ وڏ وزارت حوالي سان مراد شاهه ٽيون ڀيرو وڏي وزير واري انتظامي عهدي تي پهچڻ بعد هڪ تجربيڪار قابل وڏي صلاحيتن وارو وڏو وزير سنڌ صوبي جو ثابت آهي، جيڪو پنهنجي ٽيڪنيڪل ۽ انجنيئرنگ صلاحيتن سبب صوبي جي خدمت ڪندو رهيو آهي جيڪو آمريڪا مان انجيئيرنگ ۾ ماسٽرز آهي، جنهن جي خدمتن جي صوبي کي ضرورت آهي، اميد جيڪو به پنهنجي عوامي خدمت ڪندڙ وزيرن جي قابل ٽيم ۽ گهڻن صلاحيتن وارن ڪامورن کي گڏ ڪري انهن کي ذميواريون سونپي اڃا وڌيڪ صوبي جي خدمت جاري رکندو.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل